ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي مٿان ناڻي کاتي جي نوازش، ختم ٿيل مالي سال 2023_24  دوران جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي بجيٽ 3 ارب 67 ڪروڙ 32 لک هوندي 5 ارب 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو انڪشاف! سرڪاري گاڏين جي پيٽرول، مرمت، خريداري ۽ سفري سهوليتن سميت مختلف مدن ۾ 3 ارب 94 ڪروڙ 78 لک رپيا خرچ ظاهر، صرف جون مهيني ۾ 34 ڪروڙ 34 لک 8 هزار رپيا خرچ ظاهر! ان حوالي سان سنڌ جي انتظامن واري کاتي جي اختيارين پاران ختم ٿيل مالي سال ۾ مختلف مدن ۾ ڪيل شاهي خرچن جا تفصيل ”پنهنجي اخبار“ هٿ ڪري ورتا آهن، دستاويزن موجب سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران سيڪريٽريٽ الائونس جي مد ۾ 13 ڪروڙ 31 لک، ڊيپوٽيشن تي عدالتي پابندي باوجود ڊيپوٽيشن الائونس جي مد ۾ 9 لک 95 هزار، ايگزيڪيوٽو الائونس جي مد ۾ 8 ڪروڙ 16 لک، سپريئر ايگزيڪيوٽو الائونس جي مد ۾ 50 لک، سينيئر پوسٽ الائونس جي مد ۾ 5 لک 13 هزار، هائوس رينٽ جي مد ۾ 3 ڪروڙ 48 لک، ڪنوينس الائونس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 14 لک خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن، اسٽيشنري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 9 لک رپيا، هيليڪاپٽر جي تيل جي مد ۾ 11 ڪروڙ 3 لک رپيا، پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن جي مد ۾ 83 لک 45 هزار رپيا، سفري الائونس جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 39 لک 55 هزار رپيا،  مختلف سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهه ۾ٽريننگ جي مد ۾ ساڍا 14 ڪروڙ رپيا، ٽيليفون بِلن جي مد ۾ 68 لک 32 هزار روپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن. آفيسرن  لاءِ روزانو اخبارون وٺڻ جي مد ۾ 9 لک 28 هزار روپيا،  آفيسرن جي خوراڪ (مانجهاندو) جي مد ۾ 59 لک 20 هزار رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو ! فرنيچر خريداري جي مد ۾ 41 لک 31 هزار، ضروري مشنري خريداري جي مد ۾ 43 لک 9 هزار رپيا، ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 26 ڪروڙ 48 لک رپيا، سرڪاري ملازمن جي خاندانن کي فنانشل اسسٽنس ( مالي مدد) جي مد ۾ 52 ڪروڙ 40 لک رپيا، نان فنانشل انسٽيٽيوشن جي مد ۾ 36 ڪروڙ 50 لک روپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح مختلف ٽپال اماڻڻ جي مد ۾  2 لک 10 هزار روپيا، انٽرٽينمينٽ جي مد ۾ 4 لک 61 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن. مشينري ۽ پلانٽ خريداري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 52 لک روپيا خرچ ڏيکاريا ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته گذريل مالي سال يعني 2023_24 ۾ ناڻي کاتي جي اختيارين پاران جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي تي خاص نوازش ڪندي کين مختص بجيٽ کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي  مالي سال 2023_24 ۾ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي بجيٽ 3 ارب 67 ڪروڙ 32 لک بجاءِ 5 ارب 10 ڪروڙ روپيا جاري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، سال ۾ سرڪاري گاڏين جي پيٽرول، مرمت، خريداري ۽ سفري سهوليتن سميت مختلف مدن ۾ 3 ارب 94 ڪروڙ 78 لک روپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن، رڳو جون مهيني ۾ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي 34 ڪروڙ 34 لک 8 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا

رڳو جون مهيني جو 34 ڪروڙ 34 لک خرچ ظاهر!

ڪراچي: صرف جون مهيني ۾ 34 ڪروڙ 34 لک 8 هزار رپيا خرچ ظاهر! نان فنڪشنل انسٽيٽيوٽ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک، پلانٽ ۽ مشنري جي خريداري ۾ مالي سال جي آخري مهيني ۾ هڪ ڪروڙ 2 لک روپيا، ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 30 لک 30 هزار، فرنيچر خريداري جي مد ۾ 2 لک 76 هزار رپيا، جڏهن ته جون مهيني ۾ پيٽرول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 12 لک روپيا ڪڍرايا ويا!

 

مختلف خرچن جا الڳ الڳ جواز ڄاڻائي به ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا!

ڪراچي: جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران مختلف خرچن جا الڳ الڳ جواز ڄاڻائي به ڪروڙين رپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا. ذريعن موجب مختلف خرچن جا الڳ الڳ جاءِ تي خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن، مختلف خرچن جو جواز ڄاڻائي هڪ ارب 52 ڪروڙ 40 لک روپيا، وري الڳ سان مختلف خرچن جو جواز ڄاڻائي 2 ڪروڙ 13 لک ۽ 12 لک 58 هزار ۽ وري ٻئي هيڊ مان 3 ڪروڙ 22 لک روپيا خرچ ظاهر ڪيا ويا آهن.