ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ڪالھه  “ڪراچي ڪو  حق دو” جي  سري ھيٺ مارچ ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته اڄوڪي مارچ ۾ شريڪ عوامي سمنڊ انھي ڳالهه جو ثبوت ڏنو آھي ته ڪراچي واسي پنهنجا حق ضرور حاصل ڪندا، هن چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن ڀتاخوري عام ھئي، تڏھن به اسان امن ۽ انصاف جي دعوت ڏني، اڄ اسين موجود آھيون، جڏهن ته  قاتل ڀڄي ويا، هن چيو ته ڪراچي جا 3 ڪروڙ ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آھن، پورو شھر کنڊر بڻجي ويو آھي،  ڪراچي واسين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل 42 سيڪڙو وڌيڪ 1505 ارب رپيا ٽيڪس طور ڏنا آهن، اسان کي ڪنهن خيراتي پيڪيج جي ضرورت ناھي، شهرين کي سندن ادا ڪيل ٽيڪس جي حساب سان حق ڏنا وڃن، هن چيو ته ڪراچي جي 4000 سرڪاري اسڪولن مان ڪنهن ھڪ به سرڪاري اسڪول ۾ تعليم نٿي ملي، آئون پڇان ٿو ته حڪمران پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ڇو نٿا پڙھائين؟ هن چيو ته سنڌ حڪومت سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون آھن، جن کي  اسين رد ڪريون ٿا، ھن چيو ته سنڌ حڪومت وڏيرن جي انجمن آھي، اھي مقامي سنڌي ماڻهن ۽ ھارين جو استحصال ڪري اسيمبلي ۾ اچن ٿا، هن چيو ته سنڌي ۽ مھاجرن جي نالي ووٽ وٺندڙن پنهنجي ئي زبان وارن سان زيادتي ڪئي آھي، اسين لساني بنيادن تي سياست ڪندڙن کي ھاڻي نه ڇڏينداسين، ھن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪار تحويل ۾ وٺي  ڪراچي واسين کي پيئڻ جي پاڻي، روزگار ۽ ٻيون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ـ