اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس شفيع صديقي جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيئرمين جوڊيشل ڪميشن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس شفيع صديقي جي نالي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ لاءِ ٽن ججز جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو، جسٽس صلاح الدين پنهور جي نالن تي به غور ويچار ڪيو ويو. جڏهن ته  جسٽس عاليه نيلم جي چيف جسٽس لاهور ڪورٽ مقرري جي به منظوري ڏني وئي، جسٽس عاليه نيلم لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس هوندي.