اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس بابر ستار جي خط تي جاري توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ ڪئي. ايف آءِ اي کي پرڏيهي وزارت جي ذريعي ايڪس انتظاميا سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. مهم ۾ شامل ماڻهن کي انڪوائري جو حصو بڻائڻ ۽ ڊجيٽل ثبوت جي بنياد تي ڪاروائي اڳتي وڌائڻ جو حڪم به ڏنو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر جي سربراهيءَ ۾ لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته انڪوائري رجسٽرڊ ٿي آهي ڇهن جوابدارن کي ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ هڪ صحافي به آهي. آءِ ايس آءِ پاران جواب تيار آهي اڄ جمع ڪرائي ڇڏينداسين. ايف آءِ اي به ٽن ميمبرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏيندي. جنهن جئين کي ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيڊ ڪري رهيو آهي. گذريل ٽن مهينن ۾ 51 هزار اڪائونٽس لاگ ان ٿيا. اڌ اڪائونٽس کي چيڪ ڪري سگهجي ٿو. جسٽس اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٽي مهينا اڳ ڪم شروع ڪيو اهو ٻڌايو ته ايڪس جو ڇا جواب آيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايڪس جواب ڏنو آهي ته آمريڪي ايمبيسي سان رابطو ڪريو. پر هاءِ ڪورٽ جو جواب ناهي آيو. ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم عدالت کي پروجيڪٽر جي ذريعي تفصيل ڏيندي چيو ته 39 اڪائونٽس ان مهم ۾ شامل هئا. 29 جي سڃاڻپ نه ٿي 10 جي سڃاڻپ ٿي آهي، مهم ۾ هيش ٽيگز هلايا ويا. آزاد ڪشمير جي شهري خواجه محمد ياسين، ڪراچي جي شهري سيدفيضان رفيع هڪ هيش ٽيگ شروع ڪيو. ان کي نوٽيس ڪيو.ان جواب ڏنو ته مان ٻاهرين ملڪ آهيان. 29 جولاءِ تي ٻيهر طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. هڪ اڪائونٽ هولڊر اسماعيل جو ايف آءِ کي موڪليل بيان عدالت جي سامهون پڙهيو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته ڊجيٽل ثبوت سامهون رکي جاچ اڳتي وڌايو،. ڪيس جي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن بعد تائين ملتوي ڪئي وئي.