خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) 24  کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو، ساوند ڌر مٿان سندراڻي ڌر جا 11 خون ۽ 8 زخمي ۽ سندراڻي ڌر تي ساوند ڌر جا 13 خون ۽ 12 زخمي ثابت، ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک ڏنڊ، شهيد اجمل ساوند ۽ وڪيل نور الاهي سندراڻي جو هڪ- هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڌريون کير کنڊ، علائقي ۾ سرهائي، خبر موجب ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ ٻن سالن کان هلندڙ ساوند سندراڻي خوني تڪرار جو نبيرو گوهر پئلس خانڳڙھ ۾ پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه، عابد سندراڻي، ڊاڪٽر علي نواز ساوند، ڊاڪٽر محمد طارق ساوند، محمد خان جوڻيجو، غوث بخش مهر، جلال ڪلپر بگٽي، قيصر بوزدار، محبوب علي بجاراڻي، شبير علي بجاراڻي، اصغر چاچڙ، عبدالسبحان ساوند، سڪندر ڪاڪيپوٽو، منظور احمد ساوند، احسان سندراڻي، شفقت سندراڻي، محمد ساجن ساوند، ديدار ساوند، نثار احمد ساوند، محمد سليم ساوند، ستارڏنو سندراڻي، عبدالخالق ساوند، محمد سليم ساوند، عبدالحئي ساوند، حمزهه سندراڻي سميت ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ماڻهن ۽ ٻين قبيلن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نبيري ۾ ساوند ڌر مٿان سندراڻي برادري جا 11 خون ۽ 8 زخمي ثابت ٿي، جنهن تي مٿن 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته سندراڻي ڌر تي ساوند ڌر جا 13 خون ۽ 12 زخمي ثابت ٿيڻ 3 ڪروڙ 21 لک رپيا ڏنڊ پيو، مجموعي طور 24 خونن ۽ 20 زخمين جو نبيرو ڪيو ويو، جڏهن ته پروفيسر شهيد اجمل ساوند جو خون سندراڻي برادري مٿان ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، سندس جي گاڏي کي گوليون هڻي نقصان پهچائڻ جا 11 لک رپيا مقرر ڪيا ويا، شهيد اجمل ساوند جو مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 11 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، عابد سندراڻي جي سئوٽ وڪيل نورالاهي سندراڻي جو خون ساوند ڌر مٿان ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور تي ساوند ڌر مٿان 3 ڪروڙ 15 لک ۽ سندراڻي ڌر مٿان 3 ڪروڙ  21 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي ڪريم بخش سندراڻي زخمي ٿيڻ جو عيوضو 10 لک رپيا ساوند ڌر کي معاف ڪري ڇڏيو، نينگري بشريٰ ساوند جو 40 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ساوند ڌر 11 لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، جڏهن ته سندراڻي ڌر 20 لک رپيا ٿڏي تي ساوند ڌر کي ادا ڪيا، نبيري ۾ طئي ڪيو ويو ته بقايا ڏنڊ جي رقم ٻئي ڌريون 8 مهينن جي مدي ۾ ادا ڪنديون، ڌرين کي فتويٰ گوهر پيلس جي پنڊال ۾ پڙھي ٻڌائي وئي، نبيري ۾ ڀئي ڪيو ويو ته جيڪا به ڌر اڳرائي ڪندي ان تي 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، نبيري بعد علي گوهر مهر ۽ خورشيد احمد شاهه خير جي دعا گهري، جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا.

قبائلي تڪرارن جي خاتمي تائين سک سان نه ويهبو: علي گوهر مهر

خانپورمهر: ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري بعد پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون سڀني برادرين ۽ چڱن مڙسن جو ٿورائتو آهيان، جن مون تي اعتماد ڪيو، اصل فيصلو الله وٽ آهي، جيڪو قيامت جي ڏينهن ڪندو، هتي ٻن مسلمان ڀائرن جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو آهي، علي گوهر مهر چيو ته جهيڙن ۾ بيگناهه ماڻهن جو نقصان ٿئي ٿو، اصل ماڻهن جو نقصان نه ٿو ٿئي، مون اليڪشن ۾ واعدو ڪيو هو ته جيئن ڪامياب ٿينداسين ته اهي قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائينداسين، جنهن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته هي پنهنجي علائقي جو وڏو مسئلو هو، جنهن م هڪ نه پر ڪيترائي ضلعا متاثر هيا، هاڻ ايستائين سڪون سان نه ويهبو جيستائين قبائلي تڪرارن جو خاتمو نه آڻيون، هن چيو ته اسان بدمعاش کي بدمعاش ۽ شريف کي شريف چوڻ وارا آهيون، ڏوهاري ۽ قبيلائي تڪرار ٻه الڳ الڳ شيون آهن، ڏوهاري نانگ مثل آهن، جن کي هر صورت ڪچلڻ گهرجي، صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڪيس جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، ان ۾ ڪير به ملوث هجي ان کي سزا اچڻ گهرجي.

 

ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ماڻهن کي ڌار ڌار ويهاريو ويو

خانپورمهر: ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري جي فتويٰ کان اڳ ساوند توڙي سندراڻي برادري جي ماڻهن کي الڳ الڳ ڪيمپن ۾ ويهاريو ويو هو، جتان کين واري واري سان گوهر پيلس ۾ گهرائي سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

ڌرين جي زخمين جو معائنو ڪرڻ لاءِ ڌار ڪاميٽي جوڙي وئي

خانپورمهر: ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري ۾ ڌرين جي زخمين کي پڻ آندو ويو هو، جن جو معائنو ڪرڻ لاءِ الڳ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن زخمين جو معائنو ڪري نبيري جي سرپئنچن کي رپورٽ ڏني، جنهن تحت زخمين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

خانڳڙهه ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا

خانپورمهر: خانڳڙهه جي گوهر پيلس ۾ ٿيندڙ ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 3 ڊي ايس پي، 12 ايس ايچ اوز ۽ 150 کان وڌيڪ اهلڪارن کي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ گوهر پيلس جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪيو ويو هو.

 

بندش سبب ڪنهن به ڌر جو ماڻهو هٿيار کڻي نه آيو

خانپورمهر: خانڳڙهه ۾ ساوند سندراڻي تڪرار جي نبيري دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مٿان هٿيارن جي نمائش تي مڪمل طور پابندي لڳل هئي، جنهن ڪري ڪا به ڌر هٿيار کڻي نه آئي، گوهر پيلس اندر داخل ٿيندڙ هر هڪ گاڏي توڙي ماڻهن جي مڪمل چڪاس کانپوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏنو ويو.