جروار (ن پ ا) جروار ويجهو اڌ ڪلو ڦٽي چوري ڪرڻ جي الزام ۾ معصوم نينگر مٿان زميندار جو تشدد، نينگر کي کنڀڻ جي ڪوشش، واٽهڙن ٻار کي ڇڏائي ورتو، نينگر تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. تفصيل موجب جروار ويجهو خانپور مهر روڊ تي گلو پتافي کان ڳوٺاڻا موٽررڪشا تي ڦٽيون کڻي جروار شهر اچي رهيا هئا ته رستي تي بيٺل ڌنار نينگر مبينا طور رڪشا مان اڌ ڪلو ڦٽي چور کي فرار ٿي رهيو هو ته پويان موٽرسائيڪل تي ايندڙ زميندار مدد علي پتافي نينگر لال بخش گبول کي پڪڙي ورتو ۽ کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو. بعد ۾ ڄاڻايل زميندار نينگر کي کنڀي موٽرسائيڪل تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته روڊ تان گذرندڙ ماڻھن کيس ڇڏائي ورتو. معصوم ٻار تي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي. هوڏانهن زميندار مدد علي پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻار تي تشدد ناهي ڪيو، باقي هن کي چوريءَ تان دڙڪا ضرور ڏنا. ڳوٺاڻن ٻار کي ڇڏائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.