جروار (ن پ ا)جروار ويجهو هفتو اڳ بجاراڻي لنڊ برادري جي ٿيل جهيڙي جو ھڪ  زخمي فوت، علائقي ۾ خوف. ڳوٺ  صاحب لنڊ ۾ هفتو اڳ فصل جي ڀيل تان لنڊ – بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، زخمين مان دلبر بجاراڻي جي حالت نازڪ هجڻ سبب کيس رحيم يارخان جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي ڳوٺاڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  وارث سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي آيا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا. جڏھن ته پوليس طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾  نه اچي سگهي. ھوڏانھن نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ وڌيڪ خونريزي جو خدشو آھي.