تلهار(ن پ ا) تلهار اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي طرفان شاگردن کي پنهنجي مستقبل جي رٿا ڪرڻ بابت  ڪيريئر ڪائونسلنگ ليڪچر جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ تلهار جي علمي ادبي استادن، شھرين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فيضان جمالي، ناصر بلوچ، ذوهيب ميمڻ، عطاءُ الله ٿيٻو ۽ ٻين  چيو ته تعليمي سرگرميون تلهار لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿينديون، ھتان جي شاگردن کي جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهڻ خاطر تعليم پرائڻ سان گڏ مستقبل جي پڻ مڪمل رٿابندي ڪرڻ لازمي آهي. هن وقت  تلهار ۾ تعليم پٺتي پيل آھي اسان سڀ گڏجي تعليم کي هٿي وٺرايون ته جيئن  اسان جا نوجوان تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن، ان سان گڏ معاشري جا  ڪارآمد انسان بڻجي سگهن.  اسان اڄ عهد ٿا ڪريون اسان سڀ گڏجي شهر جا استاد علمي ادب سان سلهاڙيل شھرين، سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپورڪردار ادا ڪنداسين.