ڪراچي: جسٽس  هيلپ لائين   جي  چيئرمين نديم شيخ جو چوڻ هو ته ڪراچي جي اڳ ۾ آبادي ڏيڍ ڪروڙ هئي، جيڪا هاڻ 3 ڪروڙ ٿي وئي آهي، 2022 ع دوران ڏوهن ۾ به اضافو ٿيو آهي، پهريان طلاق جا ايترا ڪيس نه هوندا هئا، هيل طلاقن جي ڪيسن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي، هن چيو ته هر معاشري ۾ مسئلا وڌڻ سان گڏ ڪيس به وڌندا آهن، عدالتون پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري رهيون آهن، اميد ته 2023ع  شهرين لاءِ خوشين جو سال هوندو، ڏوهن تي ضابطو اچي ويندو، امن هوندو ته ڪيسن جو تعداد به گهٽجي ويندو، اڳوڻي جج ۽ سينيئر ايڊووڪيٽ شاهد سومرو پينڊنگ ڪيسن  ۾ واڌ واري معاملي کي ججن جي کوٽ ۽ آبادي جي واڌ سان مشروط ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 40  بدران رڳو 30 جج ڪم ڪري رهيا آهن، ججن جون 10 جايون خالي آهن، سپريم ڪورٽ ۾ پڻ 17 بجاءِ 13 جج ڪم ڪري رهيا آهن،  هن وڌيڪ چيو ته هر سال آبادي وڌي ٿي پر جج نه ٿا وٺن، جج وڌڻ سان ڪيسن تي  فرق پوندو ۽ عوام کي به تڪڙو رليف ملي سگهندو.