اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران لاپتا ماڻهن جي ڪيس ۾ وڏو حڪم سامهون اچي ويو. لاپتا شهرين غلام قادر جي بازيابيءَ جي درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني جو وڏو فيصلو به برقرار آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني 2021 ۾ عدالتي تاريخ جا سڀ کان وڏا ڏنڊ لاڳو ڪيا هئا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ وفاقي حڪومت جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. گهرو سيڪريٽري، بچاءَ وارو سيڪريٽري، ايس ايس پي انويسٽيگيشن تي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ بحال ڪيو ويو. اُن وقت جي ايس ايچ او ٿاڻي گولڙا تي به هڪ ڪروڙ رپين جو ڏنڊ بحال ڪيو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني شهري جي عدم بازيابي تي رياستي مشينري کي ذميوار قرار ڏنو هو. جسٽس محسن اختر ڪياني لاپتا شهري غلام قادر جي ڀاءُ جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو هو. 30 ڏينهن ۾ شهري بازياب نه ٿيڻ تي ذميوارن خلاف ادارتي ڪاروائي جو فيصلو به بحال ڪيو ويو. شهري غلام قادر 28 آگسٽ 2014 کان اسلام آباد جي ٿاڻي گولڙا جي حد مان لاپتا آهي.هوڏانهن 20 سالن کان لاپتا ايبٽ آباد جي شهري عتيق الرحمان جي بازيابي لاءِ درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي تفصيلي آرڊر پاس ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. 20 سالن کان لاپتا ايبٽ آباد جي شهري عتيق الرحمان جي بازيابي لاءِ درخواست جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڪميشن اختيارين کي چيو ته هن قسم جي ڪيسن ۾ اسان مٿان وڏو بار هوندو آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته حڪومت جي پوزيشن ڏسڻ چاهيان ٿو، جن کي کنڀيو ويو اهي زنده آهن؟ پاڪستان ۾ ماڻهو لاپتا ٿي رهيا آهن ۽ اوهان اميد ڪري رهيا آهيو ته ڊالر 280 رپين کان هيٺ ايندو، ايئن ڪجهه نه ٿيندو، ڪميشن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ته اچن جيڪي پاڪستان کي بدنامي کان بچائين. ججز جڏهن قانون تحت ڪم ڪندا آهن ته اسان جي خلاف ٿي ويندا آهن ته توهان قانون مطابق ڪيئن ڪم ڪيو؟. اسان هر شي جي لاءِ تيار آهيون اسان هِتي پبلڪ سروس جي لاءِ ويٺا آهيون.