سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ون جي جج کان ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس درخواست فريادي ڪرم الله مهر، وڪيل سهيل احمد کوسو ۽ قربان ملاڻو معرفت داخل ڪرائي هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اي ٽي سي ڪورٽ ون جي جج عبدالرحمان قاضي مٿان بي اعتمادي ظاهر ڪيون ٿا، ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ جي ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، اي ٽي سي ڪورٽ جو جج قتل ڪيس جي جوابدارن کي ضمانتون ڏئي رهيو آهي، اعتماد نٿا ڪري سگهون، عدالت ۾ وڪيلن جي مهلت سبب ٻڌڻي آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي گرفتاري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.