نوشهروفيروز (رپورٽر) اين اي 206 تي پ پ اميدوار ذوالفقار بھڻ انتظاميا تي الزام ھنيا آھن ته انتظامي اسان جي هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ڪٿي به بهتر انتظام نظر نه آيا، نوان جتوئي ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، پيٽيون سيل نه ھيون ۽ انتھائي حساس پولنگن تي فورسز کي مقرر نه ڪيو ويو، جڏھن ته پولنگن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائون ڪم نه پيون ڪن، ھن چيو ته جان بچائي ڀڄي نڪتو آھيان، ايس پي آفيس نوشهروفيروز ۾ ڪمپلين سينٽر ناھي ۽ نه ئي وري ايس ايس پي ٻڌڻ لاءِ تيار آھي، ھن چيو ته ڊي سي آفيس ۾ ڪمپلين سينٽر تي شڪايت نه ورتي وئي، ڪير به ٻڌڻ وارو ناھي، لاچار ٿي پريس ڪلب پھتو آھيان.