جاتي(ن پ ا)جاتي شهر ٽاپر محله ۾ 13 ورهين جي نينگري (ڪ) ڌئَ شاهنواز کي مبينا اغوا ڪري کيس  جنسي زيادتي ڪرڻ جو ڪيس جاتي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. جاتي پوليس مبينا جوابدار علي رضا ڪنڀار جي گهر ۽ دڪان تي ڇاپا هڻي هزارين رپين جي زهريلي گٽڪي ۾ استمال ٿيندڙ سوپاري ۽ مٽيريل هٿ ڪري ورتو. جڏهن جوابدار جي دڪان ۽ گهر تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي 13 ورهين جي نيينگري کي ڏھ ڏينهن اڳ شادي ڪرڻ جي بهاني سان گهران ڪڍي نامعلوم هنڌ تي هڪ بند ڪمري ۾ قيد ڪري کيس جنسي زيادتي جو ڏھ ڏينهن تائين نشانو بڻايو ويو آهي.