جاتي (ن پ ا) جاتي جي سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي، هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو ٻيجارو سڙڻ لڳو، جڏهن ته ڪيترن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه پهچڻ سبب رهواسي پريشان ٿي ويا، ڳوٺ جڙيو ٿهيمور، عبدالرحمان ڌاندل، رحيم ڏنو ٻهريو، بصريو ونگائي، حاجي ڌاندل، سڪندر داندل ۽ محمد داندل مان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي، جاتي تعلقي جي آبادگارن اڳواڻن پاڳارو طفيل احمد قريشي، عادل لغاري ۽ حنيف ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ٻئي ڏينهن به آبپاشي آفيس سجاول آڏو مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جاتي جي زميندار ايڪشن فورم پاران چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جاتي جي سمورين شاخن ۾ پوڇڙي تائين پاڻي پهچائي آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي رهواسين کي لڏ پلاڻ کان بچايو وڃي.