سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  مختلف ضلعن جي رھواسين طرفان تڪبندين ۽ ٻين معاملن بابت داخل ڪيل 38 پٽيشنز جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران سنڌ حڪومت طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل علي رضا بلوچ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏھن ته پٽيشنرز جي وڪيلن عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏنا. جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊبل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊويزنل اليڪشن ڪمشنر ۽ لاڳاپيل آفيسرن عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايا. جڏهن ته ڪجهه پٽيشنز تي اليڪشن ڪميشن طرفان جواب داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪئي وئي، جنهن تي عدالت سمورين درخواستن تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر کي 24 مئي تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.