حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ توهين عدالت جي درخواست تي صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 18 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صحت کاتي ٿرپارڪر جي ملازمن معشوق علي راڄڙ، علي نواز راهمون سميت 49 ملازمن پنهنجي وڪيل ميان تاج محمد ڪيريو معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آهي ته لاڳاپيل عدالت 2017ع ۾ نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر صحت کاتي جا عملدار 4 سال گذرڻ باوجود کين نوڪرين تي بحال ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. درخواست گذار موجب صحت کاتي 2015ع ۾ 689 ملازمن کي ڀرتي ڪيو هو. هفتي اندر سياسي ماڻهن جي دٻاءُ بعد 89 ملازمن کي بيدخل ڪرڻ بعد کين جوائنگ آرڊر نه ڏنا. ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته بحال نه ٿيڻ تي 49 ملازمن پاران داخل درخواست تي لاڳاپيل عدالت 18 مارچ تي سيڪريٽري کي ملازمن بابت تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر سيڪريٽري صحت لاڳيتو عدالتي حڪم باوجود نه ئي پنهنجو جواب داخل ڪرايو آهي ۽ نه وري هو عدالت ۾ پيش پيو ٿئي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري صحت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 18 مئي تي عدالت ۾ جواب سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.