تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي جي ڊيراسرڪي ٿاڻي جي حد ٺل_تنگواڻي لنڪ روڊ سان سوئي لاڙي وٽ مارواڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل علاج کان واپس ويندي ناري شانتي ٻائي کي اغوا جي ڪوشش جو الزام لڳايو ويو. ناري جي چاچي منظور مارواڙي ۽ پڦي ڪريمان مارواڙي تي جوابدارن شيرو مارواڙي،لالو ۽ پيرو مارواڙي پاران مبينا طور تشدد ڪيو ويو، ناري ۽ وارثن جا ڪپڙا ليڙون ليڙ ٿي پيا.