تنگواڻي (ن پ ا)تنگواڻي ٿاڻي جي حد مانجهي اسٽاپ وٽان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پورهيت غلام الرسول بکراڻي، منصور پٺاڻ، پنجاب جي ڄامپور واسي پيءُ پٽ رياض گاڏهي،7 ورهين جو رفيق گاڏهي ۽ زاهد حسين بازياب نه ٿي سگهيا، تنگواڻي واسين پورهيت غلام الرسول بکراڻي، منصور پٺاڻ جي وارثن، سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،وارثن جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي، مسڪين آهيون 2 ويلا کائڻ لاءِ پريشان آهيون ڀنگ جا پئسا ڪٿان آڻيون، شاهمور بکراڻي، صالح کوسو گهر ڪئي ته نوجوانن کي جلد بازياب ڪيو وڃي،مظاهرين گهر ڪئي ته جلد مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.