ڪراچي (نمائندن وٽان) تلهار، ملڪاڻي شريف ۽ ڏيئي ۾ ڳوٺاڻن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، تفصيل موجب، تلھار ڀرسان ڳوٺ حاجي نور محمد عمراڻي جي رهواسين هڪ مهينو اڳ قتل ٿيل نوجوان غلام الله عمراڻي جي قاتل نورحسن عمراڻي جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي چيو ته بدين پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، قاتل گرفتار نه ڪيا ويا، اسان سرڪار جو ڪو به حڪم نه مڃينداسين، ڳوٺاڻن جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار بعد اي سي تلهار عبدالغفار ملاح، مختيار ڪار تلهار آصف سومرو، ايس او منظور جمالي پ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪئي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد ڳوٺاڻن پاران ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا، هوڏانهن ملڪاڻي شريف ڀرسان ڳوٺ چنيسر کوسو جي رهواسين علي گل، حاڪم علي، علي حسين، اياز علي، شاھنوز کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اين آر ايس پي جيڪي سنڌ گورنمينٽ گھر ڏنا آھن انھن جون لسٽون لڪائي ڇڏيون آھن، مٿان برساتون آھن، اسان جا گھر ٻوڏ ۾ ڪري ويا ھئا، گھرن جا نالا ڏنا وڃن ته  جئين اسان وقت سر گھر ٺھرائي سگھون، پھرين قسط مان ڊي پي سي بنياد ٺھرايا آهن، اهي گهر اڌ ۾ آهن ، ڇهه مهينا ٿي ويا آھن، پئسا نه ڏنا ويا آهن، هنن اپيل ڪئي ته اين آر ايس پي تنظيم جي آفيسرن سان رابطو ٿا ڪريون ته فون کڻڻ لاءِ تيار ناھن، ان ڪري پوليو مھيم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، هنن چيو ته جيستائين گهرن جا پئسا جاري نه ڪيا ويندا، ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين. ٻئي پاسي ڏيئي شهر جي خاصخيلي پاڙي واسين ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف  پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو ٽيم کي واپس موٽائي ڇڏيو، ڳوٺاڻن لکاڏنو خاصخيلي، طارق حسين خاصخيلي، عرضي خاصخيلي، قربان خاصخيلي سميت ۽ ٻين چيو ته اسان جي پاڙي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، مجبور ٿي پنهنجي ٻارڙن کي پوليو پيارڻ کان انڪار ڪندي ٽيم کي موٽائي ڇڏيو، هن چيو ته ٽنڊوباگو مختيار ڪار به اسان کي گذريل پوليو مهم دوران لکت ۾ جائز مسئلن جي حل لاءِ خاطري ڪرائي هئي پر ڪو ڪم نه ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.