تشدد جي سياست ۽ حڪومت جي بدحواسي

0
577

عمران حڪومت تحريڪ لبيڪ جي تازن ڌرڻن ۽ احتجاجن جي دٻاءَ ۾ جنھن بدحواسي سان ۽ جلدبازي ۾ تڪڙو تبديل ٿيندڙ فيصلا ڪيا آھن ان سان تشدد ۽ انتھا پسندي جي سياست کي ھٿي ملي آھي، جنھن جو ملڪ جي سياست ۽ سماجي صورتحال تي خراب اثر پيو آھي. ان سان اھو رواج پوندو ته ڪابه جماعت تشدد جي صورتحال پئدا ڪري حڪومت کي جھڪائي ۽ پنھنجا مطالبا مڃائي سگھي ٿي.
نواز شريف جي گذريل دور حڪومت ۾ جڏھن عمران خان خود سندس ڌرڻي جي دوران ڪنٽينر تي جذباتي للڪارن ۽ رياستي ادارن تي چڙھائي ڀڃ ڊاھه ۽ بي لغام ڍينگامستي پئي ڪئي تڏھن ھن سمجھيو ٿي ته ھو جيڪو ڪجھه به ڪري رھيو آھي اھو کيس ڦٻيو. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ به ھو ملڪ ۾ سھپ ۽ قانوني برابري بدران ڪنٽينري جذباتيت جو مظاھرو ڪندي ملڪ جي سياسي ماحول ۾ تلخي وڌائيندو رھيو.
ھن جي ناڪام معاشي پاليسين سبب مسلسل وڌندڙ مھانگائي عوام ۽ ھر طبقي جي لاءِ زندگي مشڪل بنائي ڇڏي آھي. اٽي کنڊ ۽ دال ڀاڄي کان وٺي دوائن، تيل، بجلي، گئس ۽ ضرورت جي ھر شيءَ ايترو تيزي سان ماضي جي ڪنھن به حڪومت ۾ نه وڌي. آءِ ايم ايف جا سمورا شرط تسليم ڪرڻ کانپوءِ به قرضن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ھاڻي اسٽيٽ بئنڪ جو ڪنٽرول به آءِ ايم ايف کي ڏيڻ جون تياريون آھن.( ٽن سالن کان پنھنجا ڪرتوت گذريل حڪومتن ۽ اپوزيشن جي مٿي تي اڇلي) ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي آئيني اختيارن کي لتاڙي انھن جي قدرتي وسيلن ۽ ٻيٽن تي قبضه گيري ۽ سنڌ جي چونڊيل عوامي مينڊيٽ خلاف سازش ۽ ٽارزني بيان بازي ملڪ ۾ ھر سطح تي غير يقيني سماجي انتشار تشدد ۽ جنھن وٽ ڏنڊو سو ڏاڍو جو ڪلچر عام ڪيو آھي. اپوزيشن ۽ سياسي مخالفن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين جو ذڪر ھتي نٿا ڪريون اھو ھڪ الڳ تفصيل آھي.
ھي مضمون عوام لاءِ بنيل عمراڻي عذاب ۽ ملڪ اندر مذھبي جنونيت انتھا پسندي تشدد ۽ لاقانونيت لاءِ نرم گوشي ڏانھن نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش آھي، جنھن کي ايڏي ڇوٽ مليل آھي جو اھا جڏھن ۽ جتي چاھي قانون جو تماشو لڳائي حڪومت کي بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏي. ڪنھن انفرادي يا اجتماعي فڪر ۽ مسلڪ جي ماڻھن کي ماري قتل به ڪري ڇڏي نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي تباھه ڪري ڇڏي پوءِ به انھن اڳيان گيسان گيس ۽ منٿن جا ٺڪاءَ ھوندا. حڪومت جنھن پھرين سونڍ ڦوڪي پنھجي رٽ ۽ قانون جي بالادستي جون وڏيون دعوائون ڪيون ان جي ڦوڪڻي مان جلد ھوا نڪري وئي پوءِ مذاڪرات ۽ لکتن پڙھتن جا ڊراما. ھيڏانھن حڪومت جي جان بخشي ھوڏانھن لاڏلا ٻالڪا سندن مدرسن مسيتن ڀيڙا. جيئن فيض آباد ڌرڻي ۾ ٿيو ۽ تازو پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ٿيو آھي. ملڪ جو وڏو صوبو ۽ عسڪري سياسي توڙي معاشي طاقت جو مرڪز ٽي چار ڏينھن تحريڪ لبيڪ وٽ يرغمال بنيل رھيو پر تتشدد چڪرين ۾ پنج سو کان وڌيڪ سيڪيورٽي اھلڪار زخمي ۽ پنج شھيد رپورٽ ٿيا آھن.
حڪومت حرڪت ۾ اچي تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم اھڙو ڪيو جو ساڻن ڳالھين جي ڳراٺڙين ۾ قومي اسيمبلي جو ملتوي ڪيل اجلاس ٻئي ڏينھن ايمرجنسي ۾ سڏائي قرارداد جي فرمائش پوري ڪئي وئي. ساڳيو عمران خان ھو جنھن جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي يورپي ۽ اسلامي ملڪن کي ڪشمير جي معاملي تي ڏوراپو ڏيندي چيو ھو ته اھي انڊيا سان پنھجي اقتصادي مفادن مطابق فيصلا ٿا ڪن، ان فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جي مطالبي تي قوم کي خطاب ۾ فرانس ۽ يورپ سان واپار بند ٿيڻ جو جواز ڏنو ھو ان ھتي گوڏا کوڙيا. ھي معاملو صرف تحريڪ لبيڪ جو ناھي ان سوچ ۽ قوتن جي مفادن جو آھي جيڪي ملڪ ۾ جمھوريت جي اوسر ۽ آئين جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي جي خلاف آھن جيڪي پنھجي مقصدن لاءِ مذھبي ڪارڊ ڪاميابي سان استعمال ڪندا رھيا آھن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف پي اين اي جي تحريڪ کان ھليل اھو سلسلو جاري ساري آھي.
وقت جي حالتن ۽ مخصوص ضرورتن آھر انھن پاليل تاتيل مذھبي شدت پسند تنظيمن خلاف آپريشن ۽ ڪن جي ڪالعدم ٿيڻ جا اعلان به ٿيندا رھن ٿا ته نون نالن سان ساڳي نرسرين جا سلا نسرندا ۽ وڌي وڻ ٿيندا رھن ٿا. تحريڪ لبيڪ جي ڪالعدمي ڪيستائين ٿي رھي يا اھا ٻي ڪھڙي صورت ۾ پنھجي ڊيوٽي سرانجام ٿي ڏي، بھرحال ملڪ اندر انتھا پسند جنوني ۽ پر تشدد تنظيمون حقيقي طرح ڪالعدم تڏھن ٿينديون جڏھن ملڪي سياست جي ڪاروهنوار مان غير جمھوري اقتدار پرستي ڪالعدم ٿيندي.