انقره/ دمشق (م ڊ) ترڪيه ۽ شام ۾ 6 فيبروري تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 34 هزارن کان وڌي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه ۾ 29 هزار 605 ۽ شام ۾ 4 هزار 500 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. زلزلي سان تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، ترڪيه ۾ 136 ڪلاڪن بعد 13 ورهين جي ڇوڪري کي ملبي هيٺان ڪڍيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي عمارت جي ملبي هيٺان 70 ورهين جي ترڪ عورت کي ڪڍيو ويو، جڏهن ته ترڪ اختيارين ناقص اڏاوتن ۾ ملوث ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ ترڪي ۾ 6 هزارعمارتون تباهه ٿيون آهن، ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ماڻهو متاثر ٿيا، متاثرن لاءِ 2 ڪروڙ 28 لک ڊالر امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سان فوتگيون ٻيڻيون ٿي سگهن ٿيون، گڏيل قومون جي سيڪريٽري جنرل مطالبو ڪيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ترڪيه ۽ شام وچ ۾ سرحد پار امدادي مرڪز کولڻ جي اجازت ڏئي.