تربت (م ڊ) بلوچستان  تربت جي علائقي گشکور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪري ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب گشکور ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن لاءِ دهشتگردن جي فرار ٿيندڙ رستن کي بلاڪ ڪيو ويو، مسلسل نگراني ۽ انٽيليجنس ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪئي وئي، سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن هيليڪاپٽر جي مدد سان آپريشن ڪيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب، آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.