تحريڪ انصاف جي ترين کي انصاف گهرجي

0
493

هاڻي ان ڳالهه جي ڪا به اهميت ناهي رهي ته جهانگير ترين سان پنجاب اسيمبلي جا ڪيترا ميمبر گڏ آهن يا قومي اسيمبلي ۾ ڪيترا ميمبر ان سان رات جي ماني کائي هم خيال گروپ جي قيام جو اعلان ڪن ٿا پر هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جهانگير ترين جيڪڏهن چاهي ته عمران خان جي حڪومت بجيٽ به پاس نه ٿي ڪرائي سگهي، جيڪڏهن جهانگير ترين چاهي ته پنجاب ۾ عثمان بوزدار جي حڪومت به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ساڳئي وقت جهانگير ترين قومي اسيمبلي اندر عمران خان جي اعتماد جي ووٽ وٺڻ دوران اهو به ثابت ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن سندس گروپ ٻئي پاسي بيهي ها ته عمران خان هينئر وزيراعظم به نه هجي ها، ان کان اڳ يوسف رضا گيلاني واري سينيٽ واري چونڊ عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اندر اڪثريت اقليت ۾ ڪيئن تبديل ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن پنجاب اسيمبليءَ اندر يا قومي اسيمبلي اندر ن ليگ وارا اڄ به پيپلزپارٽي جي ان هائوس تبديلي واري موقف سان سهمت ٿين ۽ انهن سان جهانگير ترين گروپ ملي وڃي ته پوءِ سڄو سسٽم ئي ويڙهجي سگهي ٿو، تنهن ڪري جهانگير ترين کي جيڪو حاصل ڪرڻو هو اهو سندس هم خيال گروپ حاصل ڪري چڪو آهي. هينئر جيڪا صورتحال آهي ان ۾ شيخ رشيد ڀلي پي ڊي ايم کي ٽانءِ ٽانءِ فش قرار ڏئي پر شيخ رشيد کي به خبر آهي ته اصل مخالف ڌر حڪومت کان ٻاهر نه پر حڪومت جي اندر موجود آهي، جيڪڏهن اهڙي مخالفت زور وٺڻ شروع ڪيو ته پوءِ ايندڙ بجيٽ کان اڳ ڪيترائي معاملا بگڙجي سگهن ٿا، جن کي سنڀالڻ پوءِ وفاقي حڪومت جي وس ۾ نه هوندو، ان ڪري جنهن شيخ رشيد کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته شهباز شريف جو ڪيس هڪ ڏينهن ۾ لڳو ساڳئي ڏينهن نتيجو آيو، شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ لاءِ قطر ذريعي ٽڪيٽ به انهيءَ ڏينهن ڪنفرم ٿي وئي، اهڙي اعتراض ۽ حيرت جو اظهار ڪندڙ شيخ رشيد پاڻ جهانگير ترين جي مامري تي وري اسان جهڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته هڪڙي ئي ڏينهن ۾ مامرو جيئن ئي منظر تي آيو آهي تيئن ئي شيخ رشيد لاهور پهچي عثمان بوزدار سان ملاقاتون ڪرائي هم خيال گروپ سان رابطن ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن کي ختم ڪرائڻ جون عملي ڪوششون ڪندي نطر آيو آهي. ان کي ڀل اين آر او سڏيو وڃي يا نه پر موجوده حڪومت مخالف ڌر جي خلاف ڪيس ڪرڻ ۾ جيتري جلدي ڏيکاريندي آهي ايترو جلدي مامرن کي حل ڪرڻ طرف ڪڏهن به پنهنجي ڦڙتي ناهي ڏيکاري، هينئر جهانگير ترين جي مامري ۾ وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان ڳجهي ملاقات به ڪري چڪو آهي، جڏهن ته جهانگير ترين جي گروپ سان ملي سندس خدشا به ٻڌي چڪو آهي، عمران خان جو پنهنجو چوڻ رهيو آهي ته جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته ساڻس ناانصافي ٿي رهي آهي، ان ڪري سندس خدشن جي بنياد تي علي ظفر جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، عمران خان جي پنهنجي خيال مطابق ته هو ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندو، نه ئي کنڊ مافيا سميت ڪنهن به مافيا کي معاف ڪندو، پر سندس چواڻي ته جهانگير ترين سان ناانصافي به ٿيڻ نه گهرجي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنهن جهانگير ترين سان عمران خان جي ڳجهي ملاقات به ٿي سندس گروپ جا خدشا به ٻڌا ويا، علي ظفر جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي به مقرر ڪئي وئي ته پوءِ هاڻي هي جيڪو جهانگير ترين سميت سندس هم خيال گروپ به چوي ٿو ته عثمان بوزدار واري پنجاب حڪومت اسان خلاف ڪارروائي رهي آهي، جنهن جي بنياد تي گڏ ٿي پنجاب حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ڇا ان سان اهو سوال پيدا نه ٿو ٿئي ته جنهن جهانگير ترين سان عمران خان جي پنهنجي ملاقات ٿي هجي علي ظفر جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي به جڙيل هجي ان جهانگير ترين جي گروپ سان پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پنهنجي بنياد تي انتقامي ڪارروائي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟
` مون کي جهانگير ترين واري هم خيال گروپ جي اهڙي بيانيي سان پيپلزپارٽي جو اهو موقف ياد اچي ويو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽر چونڊجڻ کان پوءِ بلاول ڀٽو پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته هاڻي اسان پنجاب کي بچائينداسين، مطلب ته عثمان بوزدار کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽائي پوءِ اسلام آباد جو رخ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد ان هائوس تبديلي واري خيال سان جوڙيو پئي ويو. هينئر جڏهن جهانگير ترين گروپ وفاق ۾ عمران خان سان ٽڪراءُ ڪري پنهنجو رخ عثمان بوزدار طرف پنجاب ڏانهن ڪيو آهي تڏهن اهو سوچجي ٿو ته پيپلز پارٽي ۽ جهانگير ترين جي موقف ۾ ڪيترو فرق آهي، هونئن ته عمران خان سميت وفاقي وزير جهانگير ترين کي پارٽي جو اندروني مامرو قرار ڏئي رهيا آهن، جهانگير ترين پاڻ به انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪري رهيو آهي ته سندس گروپ هاڻي تحريڪ انصاف جو حصو ناهي رهيو، جهانگير ترين چواڻي ته اهي تحريڪ انصاف جو حصو آهن، جنهن ڪري اسد عمر سميت وفاقي وزيرن جيڪو ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان وزيراعظم سان گڏ آهيون، شام تائين انهن جي ٽوئيٽر ٽرينڊ کي به جهانگير ترين جي بيان معرفت سگهه ملي، جنهن ڪري اسد عمر به پريس ڪانفرنس دوران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته جهانگير ترين به چئي رهيو آهي ته مان عمران خان سان گڏ آهيان. مان به ساڳي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو آهي، اسد عمر سميت ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائڻ وارن وفاقي وزيرن کي ڀلي فرق نظر نه اچي پر سندن انهيءَ ڳالهه جو مقصد به سڄي جهان کي سمجهه ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ اهي چئي رهيا آهن ته عمران خان ئي تحريڪ انصاف آهي تحريڪ انصاف ئي عمران خان آهي، جيڪو اهڙي سادي ڳالهه نه ٿو سمجهي ته پوءِ ان کي تحريڪ انصاف ته ڇا سياست جي ئي سمجهه ناهي. حقيقت ۾ عمران خان سان گڏ بيٺل وزير اصل ۾ اهو نياپو جهانگير ترين واري هم خيال گروپ کي ئي ڏئي رهيا آهن ته عمران خان کانسواءِ نه تحريڪ انصاف آهي ۽ نه ئي جهانگير ترين هم خيال گروپ. اهو سوال به اهم آهي ته جنهن علي ظفر جي اڳواڻي ۾ جهانگير ترين وارن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جڙي هئي اهڙي ڪميٽي هينئر تائين پنهنجي رپورٽ پارٽي جي چيئرمين عمران خان کي ڇو جمع ناهي ڪرائي سگهي، جيڪڏهن ان رپورٽ جي بنياد تي اهو ثابت ٿئي ٿو ته جهانگير ترين سان کنڊ اسڪينڊل سميت شهزاد اڪبر ۽ عثمان بزدار جي طرفان ناانصافي ٿي رهي هئي ته پوءِ ڇا شهزاد اڪبر يا عثمان بوزدار ايئن ئي استعيفائون ڏئي ڇڏيندا جيئن رنگ روڊ جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ذلفي بخاري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هونئن ته هن حڪومت جي هر وزير جي اها دعويٰ هوندي آهي ته هي پهرين حڪومت آهي جيڪا پي آءِ اي کان وٺي کنڊ اسڪينڊل تائين سموريون رپورٽون پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو اعزاز رکي ٿي، خبر ناهي ته هي حڪومت علي ظفر واري رپورٽ واري مامري کي ڪٿي رکندي پر هن حڪومت جي بيانيي ۾ وڏو تضاد جهانگير ترين ۽ عاصم باجوا جي صورت ۾ اهو به سامهون آيو آهي ته مخالف ڌر جي جنهن به اڳواڻ تي الزام لڳي ٿو ته اهو نه رڳو جيلن جي پٺيان يا ملڪ کان ٻاهر پهچي وڃي ٿو پر سندس گهر به نيلام ٿي وڃن ٿا، پر جيڪڏهن مامرو جهانگير ترين يا عاصم باجوا جو هجي ٿو ته انهن کي وزيراعظم هائوس گهرائي پنهنجون استعيفائون واپس وٺڻ کان وٺي ذاتي حيثيت ۾ علي ظفر جهڙيون جاچ ڪميٽيون جوڙڻ جو موقعو به فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري عمران خان جي احتساب واري بيانيي جو مقصد رڳو مخالف ڌر خلاف احتساب ئي تصور ڪيو وڃي ٿو. هي جنهن ذلفي بخاري هينئر رنگ روڊ واري اسڪينڊل ۾ پنهنجي نالي اچڻ تي استعيفيٰ جمع ڪرائي آهي ساڳئي ذلفي بخاري جو نالو ايترو ئي جلدي اي سي ايل مان ڪڍي عمران خان پاڻ سان گڏ غير ملڪي دوري تي وٺي ويو هو جيترو جلدي اي سي ايل ۾ شهباز شريف جو نالو وجهي ان کي ٻاهر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.
` خبر ناهي ته تحريڪ انصاف جي هن انصاف جا معيار ڪهڙا آهن پر فواد چوڌري به گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ساڳيو ڪريڊٽ کڻندي چيو ته هن ملڪ جي تاريخ ۾ هي واحد حڪومت آهي جنهن ۾ رنگ روڊ جهڙا اسڪينڊل پڌرا ٿيندا آهن، رپورٽون جمع ٿينديون آهن ۽ وزير اخلاقي بنيادن تي پاڻ استعيفائون ڏئي گهر هليا ويندا آهن. اسد عمر ته ميڊيا کان اهو سوال به ڪيو ته 70 سالن جي تاريخ ۾ هڪڙو دور به اهڙو ٻڌايو جنهن دور ۾ ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو نه ويو هجي، پر عثمان بوزدار کي بچائڻ لاءِ لاهور پهتل شيخ رشيد جهڙو وفاقي وزير وري چوي ٿو ته ها اهو اعتراض ضرور آهي ته ڪو به اسڪينڊل منطقي انجام تائين ڇو نه ٿو پهچي، اهو تضاد رڳو اسڪينڊلن جي تحقيقات جي حوالي سان وفاقي وزيرن جي ڳالهين ۾ ناهي پر جهانگير ترين واري مامري کي پي ٽي آءِ جو اندروني مامرو قرار ڏيندڙ هن تحريڪ انصاف واري حڪومت جي وفاقي وزيرن ۾ به اهڙي موقف تي تضاد کليل طريقي سان نظر اچي رهيا آهن، هڪڙي طرف وفاقي وزير ان مامري کي پارٽي جو اندروني مامرو قرار ڏئي ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائي وزيراعظم سان گڏ هجڻ جو ذڪر ڪري رهيا آهن ته شاهه محمود قريشي کليل طريقي سان بغاوت ڪندڙ هم خيال گروپ کي مشورو ڏيندي نظر اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن انهن کي اختلاف آهي ته اهي پارٽي ڇڏي وڃن. هينئر تائين جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي اندر رهي پنهنجي وزن کي وڌائڻ واري سوچ تي عمل ڪندي پهرين ڏينهن کان ئي ساڳئي رستي تي نظر اچي رهيو آهي جنهن سان سندس وزن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندي نه رڳو نظر اچي رهيو آهي پر سندس هم خيال گروپ جي ميمبرن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، پر اهي هم خيال گروپ وارا هاڻي صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ تائين پنهنجا الڳ الڳ پارلياماني ليڊر به ظاهر ڪري عمران خان کي اصل نياپو پهچائي چڪا آهن
پر پارٽي کان ٻاهر ڪنهن ٻي پارٽي سان اتحاد ڪري وفاق يا پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ختم ڪرڻ واري پاسي هينئر تائين جهانگير ترين وارو گروپ فيصلو ڪري نه سگهيو آهي جنهن ڪري پنجاب اندر عثمان بزدار جي متبادل جي حوالي سان جيئن جو تيئن نالا گردش ڪري رهيا آهن، هينئر ان ۾ چوڌري نثار جي حلف کڻڻ جي صورت ۾ سندس نالي جو به اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، پر هي حڪومت جنهن کي اهو اعزاز به رهيو آهي ته پارليامينٽ جي هلندڙ اجلاسن باوجود آرڊيننس آڻڻ سندن معمول موجب مشغلو رهيو آهي، ساڳي حڪومت اسحاق ڊار جي سينيٽ واري رڪنيت ختم ڪرائڻ لاءِ اهڙو آرڊيننس سامهون آندو آهي جنهن ۾ 6 مهينن اندر حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ اسحاق ڊار هجي يا ڪير به ان جي ميمبر شپ ختم ٿي ويندي، جنهن اسحاق ڊار جي جڳهه تي شوڪت ترين به سينيٽ جو ميمبر ٿي سامهون اچي سگهي ٿو. هاڻي هيءَ ويڙهه جيڪا مائينس اسحاق ڊار يا مائينس عمران خان ۽ مائينس عثمان بوزدار واري نظريي جي ارد گرد گهمي ٿي ان ۾ هاڻي ڏسجي ته جهانگير ترين جنهن جو هينئر تائين رڳو اهو چوڻ آهي ته هو انصاف لاءِ وڙهي رهيو آهي، ڇا هو رڳو انصاف جي حاصل ٿيڻ تائين پنهنجي جدوجهد کي محدود رکندو يا پوءِ اهڙي نقطي کان اڳتي وڌي عمران خان حڪومت جي وفاق ۽ پنجاب ۾ خاتمي جو سبب بڻجندو.`