ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت جي ڊي اي استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعت جي ڊي اي قومي اسيمبلي مان استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ترجمان جي ڊي اي جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي جو فيصلو ۽ ڪميٽمينٽ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي حمايت نه ڪرڻ هو، جيڪا پوري ڪئي آهي، جي ڊي اي جي ترجمان سردار عبدالرحيم نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي تحريڪ انصاف سان گڏ آهيون، باقي اسيمبلي مان استعيفا ڏيڻ جو في الحال فيصلو ناهي ڪيو، سردار عبدالرحيم چيو ته ايندر حڪمت عملي جو فيصلو پيرپاڳارو جي ڊي اي جي اجلاس ۾ ڪندو، ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو.