نوشهرفيروز (رپورٽر) تازو پڪي ڪيل ڦل شاخ ناقص مٽيريل سبب آر ڊي 40 کان 82 تائين هنڌان هنڌان اکڙي وئي، ڪروڙين رپيا پاڻي ۾ وھي ويا. ڳوٺاڻن جو احتجاج. ڦل شاخ جي ٻنهي ڪپرن سان ويٺل ڳوٺن جي رهواسين سعيد علي، مهتاب علي، معروف، سليم، نور محمد، حسن بخش، رحيم علي، نواب خان، محمود علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪيدار ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف نعري بازي ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران 199.169 ملين جي بجيٽ ٺيڪيدار کي ڏني وئي آهي جنهن کي ڦل شاخ کي آر ڊي 40 کان آر ڊي 82 تائين شاخ کي پڪو ڪرڻو هو جنهن شاخ جو ڪم پاڻ ڪرڻ بدران ٺيڪو وري پنهنجي پيٽي ٺيڪيدار وارث پنهور جي حوالي ڪيو ويو جنهن کي شاخ جي ڪم ۾ 1.2 جو ريشو استعمال ڪرڻو هو. پر ٺيڪيدار سرعام شاخ جي ڪم ۾ 4.1 ۽ 6.1 جو ريشو استعمال ڪيو ۽ سري عام ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو، ان ڪري هڪ مهيني اندر شاخ 10 کان مٿي هنڌن تان ٽٽي وئي، جنهن ڪري آر ڊي 40 کان هيٺ شاخ ۾ پاڻي اچڻ وارو عمل 5 مهينن کان بند لڳو پيو آهي ۽ سنڌ حڪومت جا ڪروڙين رپيا لڙهي ويا آهن ۽ شاخ جي آبادگارن جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هنن وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جلد کان جلد جاچ ڪري ٺيڪيدار خلاف قدم کڻي ٻيهر صحيح ڪم ڪرائي شاخ کي پڪو ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين.