تاريخ ۾ سرخرو ٿيندڙ عطاءُالله مينگل

0
524

سردار عطاءُ الله مينگل سان پهريون ڀيرو ڪوئيٽا  جي پريس  ڪلب ۾ مليو هيس، جڏهن مان ڪوئيٽا ويو هيس تڏهن ڪوئيٽا جي پريس ڪلب ٻن ڪمرن تي مشتمل هئي. سردار عطا الله مينگل صاحب پنهنجي پوري قيادت سان گڏ پريس ڪلب جي هڪڙي هال جهڙي ڪمري ۾ موجود هو، سندس آڏو چانهه جو ڪپ رکيل هو پريس ڪلب ۾ موجود صحافي ۽ سندس پارٽي وارا  مختلف معاملن تي ڳالهائڻ  ۾ مصروف رکيو پئي آيا هوريان هوريان چانهه پينئدي جنهن انداز ۾ سردار صاحب معاملن کي سلجهائي رهيو هو تنهن مان سندس شخصيت جو اهو پاسي نروار ٿي رهيو هو جنهن ڪري ئي ماڻهن جو هجوم هميشه سندس چوڏس موجود رهيو. انهي ملاقات دوران مان جڏهن اڃان سنڌ جي سردارن، سنڌ جي سرداري نظام جو ذڪري پئي ڪيو ته منهنجي ڳالهه مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سردار عطاءُ الله مينگل مون کان معنيٰ  خيز انداز ۾ سوال ڪندي چيو ته سنڌ ۾ به سرادري نظام آهي ڇا؟ سردار صاحب جي ڳالهه اڃان پوري ڪا نه ٿي هئي ته پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو سربراهه محمود خان اچڪزئي جي اچڻ کانپوءِ سردار صاحب وارا ٻئي ڪمري ڏانهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ پهتا.  سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي پهتو اهي گهڻو ڪري پونم جا ڏينهن هئا. سردار عطاءُ الله مينگل صاحب کان ڪوئيٽا جهڙي پريس ڪلب ۾ سخت سوال ٿي رهيا هئا جنهن مان اندازو ٿي رهيو هو ته اظهار جي آزادي جي راهه آڏو ڪا رڪاوٽ  نه هئي. مون پوري پريس ڪانفرنس ۾ ڪٿي به محسوس نه ڪيو ته سردار عطاءُ الله مينگل صاحب جذباتي ٿيندو هجي. ان جو هڪڙو سبب اهو به هو جو ڪوئيٽا پريس ڪلب جا صحافي سندن سياسي زندگي جي روز جي معمول جو حصو هئا، هڪ هڪ صحافي کي نالي سان سڃاڻيندا هئا رڳو اهو ئي  نه پر پارٽي جي ڪارڪنن جو سندس ڏانهن انداز به پنهنجائپ وارو رهندو هو. ان ڪري جڏهن سخت سوال پئي ٿيا  تڏهن سردار صاحب انهي صحافي  سان مخاطب ٿي پنهنجي پارٽي جي ثنا بلوچ ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳا ته هي اڪيڊمڪ سوال آهن منهنجي پارٽي وارا  اوهان سان ان موضوع تي بحث ڪري سگهن ٿا. سردار عطاءُالله مينگل صاحب بلوچستان جي انهن سياستدانن منجهان هو جنهن جي چوڏس اهي سوال هميشه گردش ڪندا هئا ته اوهان سياستدان آهيو، سردار آهيو، ڪميونسٽ آهيو، قومپرست آهيو، جمهوريت پسند آهيو وغيره وغيره.  مون به پنهنجي صحافتي زندگي ۾ اهي سمورا سوال سمورن سردارن کان ڪيا نتيجي ۾ سمورن سردارن مون کان ئي سوال ڪندي چيو ته  خبر ناهي توهان جي نظر ۾ ڪميونسٽ يا قومپرست جي وصف ڇا آهي ؟ سردار عطاءُ الله مينگل صاحب پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي هئي؟ اهو ته الڳ سوال آهي پر جڏهن مون ڪوئيٽا ۾ پنهنجا صحافتي فرض پئي نڀايا تڏهن سردار عطاءُالله مينگل انهن ٽن سردارن منجهان هڪ هو جيڪي وقت  جي حڪومت جي نظرن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هئا. ان دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پڇيو ويندڙ سوال  اهو هوندو هو ته توهان ٽي سردار ترقي جا دشمن آهيو، پنهنجن علائقن ۾ تعليم جي فروغ واري راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهيو. بلوچستان جا هي سردار اهڙي سوال جو جواب پنهنجن علائقن ۾ قائم اسڪول ۽ يونيورسٽين جي لسٽ ڳڻائي ڏيندا هئا. مون خضدار يونيورسٽي به انهن ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي هئي جتي جا سربراهه، استاد شاگرد وڌيڪ سهولتن جي گهر ڪري رهيا هئا. هي سردار چوندا هئا ته ڪيچ مڪران ۾ ته سرداري نظام ناهي اتي ڪهڙي ترقي ٿي آهي؟ بلوچستان  جا هي ٽي  سردار هميشه اهو سوال ڪندا هئا ته سرڪار سان هميشه ها ۾ ها ملائيندڙ باقي 72 سردارن جي ڇا صورتحال  آهي؟ ڇا انهن جي علائقن ۾ ترقي ٿي آهي؟ اهو پرويز مشرف جو زمانو هو پرويز مشرف چوندو هو ته 72 سردار هن جي طرف آهن رڳو هي 3 سردار آهن جيڪي متفق ناهن. ملاقات ۾ جڏهن خان آف قلات جي سربراهي ۾ بلوچن جو جرڳو ٿي رهيو هو تڏهن به بلوچستان جي ترقي ۽ تعليم لاءِ ورتل ڪوششن جي ڊگهي لسٽ هنن سردارن بيان ڪئي هئي. انهي قلات واري جرڳي ۾ مير حاصل بزنجو  به ملندي مونکي چيو پئي ته مان آيو آهيان. هي اهي سردار هئا جيڪي غوث بخش بزنجو صاحب جي اڳواڻي ۾ به گڏ هليا. وقت جي وفاقي حڪومت هنن کي هلڻ نه ڏنو. سردار عطاءُ الله مينگل جنهن جمهوري رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪندي بلوچستان جو 8 مهينا وڏو وزير رهيو، انهن 8 مهينن جو حساب هن کان  سڄي عمر گهريو ويو. سردار عطاءُ الله مينگل جي پارٽي بلوچستان نيشنل پارٽي هميشه پارلياماني سياست کي پليٽ فارم کي استعمال ڪيو. مون کي ياد آهي جڏهن مان ڊيره بگٽي، ڪوهه مري، خضدار جي علائقن ۾ ويندو هيس تڏهن اهي چوندا هئا ته سردار اختر مينگل پارلياماني سياست ۾ موجود آهي، اسان جو موقف پارليامينٽ ۾ به موجود آهي. سردار اختر مينگل نواب اڪبر بگٽي جي واقعي کانپوءِ ڪوئيٽا جي منان چوڪ تي بيهي استعيفائن جو اعلان ڪيو هو، تڏهن سردار عطاءُ الله مينگل جي هي پارٽي قومي  صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي الڳ ٿي وئي هئي . انهن ڏينهن ۾ ئي سردار عطاءُ الله مينگل ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيڊيم ۾ نواب اڪبر بگٽي جي غائباڻي جنازه نماز ۾شرڪت لاءِ پهتو هو، تڏهن به سندس طبيعت خراب هئي پر ڪارڪن ساڻس ڀاڪر پائي روئي رهيا هئا. سردار عطاءُالله مينگل جي پارٽي سخت تڪليفن باوجود هميشه پنهنجو موقف پارليامينٽ اندر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ ڀيري سردار اختر مينگل لنڊن کان اسلام آباد سپريم ڪورٽ اچي پنهنجو 6 نقاطي موقف ڏنو هو. ان ڏينهن به اسلام آباد ۾ اهو وڏو سوال هو ته سردار اختر مينگل ايندو يا نه.  سردار عطاءُالله مينگل جي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ختم ٿي جڏهن ته سردار اختر مينگل جي حڪومت نواز شريف جي دور ۾ ختم ٿي. سردار اختر  مينگل هينئر عمران خان جي حڪومت سان به گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪندي اتحاد ۾ هئڻ باوجود ڪا به وزارت  وٺڻ کان انڪار ڪندي عمران خان سان گڏ هليو پر عمران خان جي حڪومت به واعدا پورا ڪري نه سگهي جنهن ڪري سردار اختر مينگل جي پارٽي هن حڪومت کان به الڳ ٿي وئي . مان جڏهن به سردار عطاءُ الله مينگل صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي تڏهن دوستن  جو اهو مشورو هوندو هو ته سندس اولاد بابت گهڻو ذڪر نه ڪجو. اختر مينگل سان جڏهن  تازو ملاقات ڪئي هئي  تڏهن سندس ڪمري ۾ فوٽو لڳل هئا انهن فوٽن جي تعارف ڪرائڻ دوران اختر جون اکيون ڀرجي پئي آيون.  هڪ ڀيري بلوچستان هائوس اسلامآباد  ۾انٽرويو دوران سردار اختر مينگل جذبات تي قابو نه رکي سگهيو سندس   ڳوڙها ڳلن تائين اچي ويا هئا. سوچيان پيو ته سردار عطا الله مينگل صاحب کان جيڪڏهن سندس پهرين فرزند سردار اسد الله مينگل بابت سوال ڪجي ها ته ڪهڙي صورتحال هجي ها؟  ڪنهن جو نوجوا پٽ غائب ٿي وڃي پوءِ اهو سڄي عمر واپس  ئي نه  اچي نه سگهي پوءِ به اهو شخص سياست جي  پيجرن تي هلندو رهي، جنهن پاڻ ڊگهو وقت جيل ڪاٽيو هجي، جنهن جي ٻئي فرزند اختر مينگل کي پرويز مشرف جي زماني ۾ گرفتارڪري سختين مان گذاريو ويو هجي، ڇا اهو سڀ ڪجهه 8 مهينن جي اقتدار لاءِ هو.؟ منهنجي نظر ۾ سردار  عطاءُالله مينگل صاحب جي زندگي جو سڀ کان وڌيڪ تڪليف وارو پاسو اولاد کي مليل تڪليف هئي. جيئن مٿي  ذڪر ڪري آياسين ته سردار عطاءُالله مينگل صاحب جي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ختم ڪئي وئي ۽ سندس پٽ سردار اختر مينگل جي حڪومت نواز شريف جي دور ۾ ختم ٿي، جيڪو نواز شريف هينئر ووٽ ڪو عزت دو جي  تحريڪ هلائي رهيو آهي. نواز شريف ۽ شهباز شريف سردار اختر مينگل جي حڪومت جي خاتمي کي پنهنجي غلطي قرار ڏئي  چڪا آهن. هينئر سردار اختر مينگل نواز شريف سان گڏ پي ڊي ايم ۾ موجود آهي . جڏهن ته محترمه بينيظير ڀٽو پنهنجي شهادت کان اڳ پنهنجي هر جلسي ۾ پريز مشرف دور ۾ “اختر مينگل ڪو رها ڪرو” جهڙو مطالبو ڪندي هئي. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي  هئي  تڏهن اختر مينگل جي جيل ۾ هئڻ ڪري سندس پارٽي جو وفد حبيب جالب جي سربراهي ۾ نئين ديري پهتو هو. مون کي سردار عطاءُالله مينگل صاحب جي انهي جملي به متاثر ڪيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو اسان سان ڪيئن هليو،اهو هڪ الڳ سوال آهي پر ڪنهن کي اهو حق نه هو ته کيس ڦاسي ڏين، احتساب ڪرڻ سولين جو ڪم آهي.  جڏهن محترمه بينيظير ڀٽو جي نواب خير بخش مري سان ڪراچي ملاقات واري تصوير سامهون  آئي هئي، جڏهن ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي وڏ وزارت دوران نواز شريف سردار عطاءُالله مينگل صاحب سان اچي ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي هئي تڏهن مون ڊاڪٽر مالڪ کي انتهائي خوش ڏٺو هو. مون ڊاڪٽر مالڪ کي چيو پئي ته ڪجهه ملي نه ملي پر تصويرون ڏاڍيون ڀليون آهن. هونئن ته بلوچستان جا سمورا وڏا وزير سنڌي ڳالهائيندڙ رهيا آهن، هڪ ملاقات دوران سردار عطاءُالله مينگل صاحب سان جڏهن اردو ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اسان جي دوستن کي چيو  ته منهنجي سنڌي توهان کان بهتر آهي. هنن مهمانن کي وڃڻ ڏيو  ته بعد ۾ سنڌي ۾ ڳالهايون  ٿا . سردار عطاءُالله مينگل صاحب بلوچستان جو اهو بزرگ سياستدان هو جنهن پنهنجي اولاد جون قربانيون ڏنيون جيڪو مير غوث بخش بزنجو سان سياسي جدوجهد ۾ گڏ هليو،  جنهن کي ايوب خان پرويز مشرف تائين  تڪليفن ۽ سختين مان گذرڻو پيو، جنهن جي  پنهنجي ۽ سندس پٽ سردار اختر مينگل جي هر جمهوري حڪومت دوران حڪومت ختم ڪئي وئي، جنهن جي پارٽي بلوچستان اسيمببلي کان قومي اسيمبلي تائين پنهنجي موقف سان گڏ موجود آهي جنهن کي  ڪڏهن سردار، ڪڏهن قومپرست، ڪڏهن ڪميونسٽ سڏيو ويو پر حقيت ۾ هي بزرگ سياستدان بلوچستان جي عوام لاءِ محبت جي علامت هو جنهن حڪمراني بدران مخالف پيچرن جي چونڊ ڪري پنهنجي لاءِ محبتون حاصل ڪيون.