اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان واقع تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي برسات پوڻ بعدعلائقي جا ماڻهو ماڳ جي مٽي مان اڀري نڪتل نوادرات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽولن جي صورت ۾ پهچي ويا. جتي انهن برسات پوڻ بعد تاريخي ماڳ جي زمين تي اڀري آيل سون، چاندي، سڪا، زمرد پٿر ۽مڻڪن سميت ٻيون شيون هٿ ڪري ورتيون، ڳوٺاڻن کي زمرد پٿر سڪا ۽ سونا زيور هٿ آيا، ان موقعي تي سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ راجا الطاف شر، ايڊووڪيٽ نور شازخادم ۽ٻين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سرڪار جي بي ڌياني سبب تاريخي ماڳ جا آثار ۽نشان ميسارجي رهيا آهن قيمتي نوادرات جي چوري ۽ماڳ جي لتاڙ افسوس جوڳو عمل آهي.