بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف ويجهو سرفراز واھ تي موٽر سائيڪل ۽ لوڊر رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ماتلي جو رهواسي 25 ورهين محمد آصف ڪشميري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته لوڊر رڪشا جي مالڪ بڪيراشريف خاصخيلي پاڙي جي رهواسي دادن خاصخيلي کي پوليس لاڪپ ڪري ڇڏيو .