بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾ سرفراز واھ مان پاڻي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، سرفراز واهه جي 23 واٽر ڪورسن تي اڱاري ڏينهن کان روٽيشن جو ليٽر ڏيڻ باوجود منڍ جا ٿري ڊي آر، 8،9، 1 ايل، 2 ايل، ون آر، 3 ايل، 4 ايل، 5 ايل سميت اڪثر واٽر ڪورسن جا موڳا کليل آهن، جنهن ڪري پاڻي پوڇڙ تائين نه پهچي سگهيوآهي، جڏهن ته پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب سرفراز واھ تي مقرر ايس ڊي او کي اضافي چارج ندو شاخ جي پڻ مليل آهي، جڏهن ته سرويل کي 6 سب ڊويزنن جي چارج پڻ مليل آهي، جڏهن ته پوڇڙ جي آبادگارن جي ووئڻن جي پوکي پڻ متاثر ٿي رهي آهي.