بڊاڻي (ن پ ا) ڳوٺ در محمد ناهڙ ۾ جوابدار ڏير جيوڻو ملڪ پنهنجي 50 ورهين جي ڀاڄائي ظهران خاتون زال محمد عالم  ملڪ کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويو.پوليس پيرسن عورت جو لاش اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد تعلقا اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مياڻي پوليس موجب ڄاڻ ملي آهي ته ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جوابدار جيوڻو ملڪ گهر ٻاهران ڪاٺيون ڪندڙ پيرسن عورت ظهوران خاتون کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته جوابدار ڏير جيوڻو ملڪ پنهنجي ڀاڄائي ظهوران خاتون کي ڏنگر برادري جي نوجوان سان ڪارنهن تهمت هيٺ قتل ڪيو آهي.