بڇيري (ن پ ا) بڇيري ويجهو ٻڪرين کي بچائيندي پيرسن ڌنار ٽرين هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت، خبر موجب ڳوٺ لشڪري زرداري وٽ پيرسن محمد حسين بروھي ٽرين هيٺان اچي چاڀاٽجي  فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتي پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پيرسن جون ٻڪريون پٽڙي تي هليون ويون جنهن دوران ٽرين اچڻ لڳي ته پيرسن ٻڪرين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ٽرين هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.