بي حيائي پکيڙڻ جي الزام ۾ ماڊل کي 5 سال قيد جي سزا

0
211
بي حيائي پکيڙڻ جي الزام

صنعا (شوبز نيوز) يمن ۾ هڪ نوجوان ماڊل کي بي حيائي پکيڙڻ جي الزام ۾ 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب حوثي فورسز 20 ورهين جي ماڊل انتصار الحمادي کي فيبروري ۾ حراست ۾ ورتو هو ۽ ان تي بي حيائي پکيڙڻ جو الزام لاڳو ڪيو ويو هو.ميڊيا رپورٽن موجب حوثين انتصار الحمادي کي بي حيائي پکيڙڻ جي الزام ۾ 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته ان جي ٻين 3 ساٿي عورتن کي به قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب صنعا جي عدالت ۾ ماڊل خلاف ڪيس هلايو ويو ۽ بي حيائي پکيڙڻ توڙي منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ماڊل کي سزا ٻڌائي وئي.يمني حڪومت جي اطلاعات واري وزير فيصلي تي ردعمل ۾ ان کي يمني عورتن خلاف حوثين جي ڏوهن جو هڪ مثال قرار ڏنو آهي.