بي اعتمادي رٿ،اسپيڪر جي غير جانبداري جو سوال

0
173
ايٽمي-اثاثن-جي-غير-محفوظ-ھئڻ-تي-آمريڪي-ڳ

 سياسي پارٽين ۾ وفاداري تبديل ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهي جڏهن به اقتدار جي جنگ شروع ٿيندي آھي ته ميمبرن جي خريداري جي منڊي لڳڻ جا حڪومت توڙي مخالف ڌر جا روايتي الزام لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن. جيئن ھن وقت وزيراعظم عمران خان سوات جلسي ۾پيپلزپارٽي جي قيادت تي الزام لڳايو آهي ته سنڌ ھائوس اسلام آباد ۾ پيسن جا ٽوڪرا آڻي پي ٽي آئي جي ميمبرن کي خريد ڪيو پيو وڃي ۽ وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ کين ان ھائوس ۾ سنڌ پوليس جي ڪمانڊوز جي نگراني ۾ رکيو ويو آهي. اھو پيپلزپارٽي جي قيادت توڙي سنڌ حڪومت جي خلاف ھڪ سنگين الزام لڳايو ويو جنهن جي پيپلزپارٽي جي وزير سعيد غني ترديد ڪئي ليڪن ان جي مڪمل غير جانبداري طور اليڪشن ڪميشن يا وري عدليه کي جاچ ڪرائڻ گھرجي ته پئسن عيوض ميمبر خريد ڪرڻ جي وقت جي حڪمران جي الزام ۾ ڪيتري حقيقت آهي.؟ جڏهن ته اها ڳالهه ظاهر ٿي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ جا ميمبر اتي موجود هئا. اھڙيون حقيقتون سامهون اچڻ کانپوءِ ان ۾ ھاڻي ڪوبه شڪ  ناھي رھيو ته ميمبر وفاداري تبديل ڪري چڪا آهن پوءِ اهي اها وفاداري تبديل ڪرائي وئي يا وري واقعي ميمبر پاڻمرادو ڪاوڙجي اتي آيا آهن.  جيستائين آئين جي آرٽيڪل 63 اي جو تعلق آهي ته ان قانون تحت ڪنهن به سياسي پارٽي جو ميمبر پنھنجي وفاداري تبديل ڪرڻ يا وري مخالف ڌر کي بي اعتمادي جي رٿ ۾ ووٽ ڏئي  نه ٿو سگھي اھو قانون  ان جي اجازت نه ٿو ڏئي،   پر  اخلاقي طور تي ميمبر کي وفاداري تبديل ڪرڻ يعني سياسي لوٽو بنجڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي.

ليڪن ماضي جي حڪومتن ۾ سياسي پارٽين ۾ لوٽن جي وفادارين تي نظر وجهبي ته ان حوالي سان شرمناڪ عمل سامهون اچي ٿو. مون کي ياد آهي ته 1993ع جي عام چونڊن کانپوءِ وفاق ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جي حڪومت قائم ڪئي وئي. غلام حيدر وائين کي پنجاب جو وڏو وزير بنايو ويو ته تقريبن سال ڏيڍ جي اندر  ان وقت جوڻيجو ليگ جي اڪيلي ميمبر منظور وٽو اھڙي سياسي راند کيڏندي راتو رات پنجاب اسيمبلي ۾ غلام حيدر وائين کي حاصل اڪثريت تبديل ڪندي پنهنجي حق ۾ حمايت حاصل ڪري ڇڏي هئي. اھا تبديلي اسلام آباد جي ميريٽ ھوٽل ۾ آئي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ جوڻيجو ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت قائم ڪئي وئي. ان تبديلي جو سھرو ان وقت جوڻيجو ليگ جي سربراهه حامد ناصر چٺا ۽ منظور وٽو کي ڏنو ويو، ليڪن اليڪشن ڪميشن يا ملڪ جي اعليٰ عدليا ڪوبه نوٽيس نه ورتو جنھن کانپوءِ وفاداريون تبديل ڪرڻ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو وري 2002ع جي عام چونڊن کانپوءِ ق ليگ جي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٿيو. پيپلزپارٽي جي اندر پيپلزپارٽي پيٽرياٽ گروپ رائو سڪندر جي قيادت ۾ قائم ڪيو ويو جنهن ۾ 25ميمبرن جي وفاداري تبديل ڪرائي وئي، ان گروپ ۾ 24ميمبر پنجاب مان ۽ ھڪ ميمبر سنڌ مان خآلد لنڊ کي شامل ڪرايو ويو. اھا تبديلي به ان ساڳئي ھوٽل ۾ رات جي پيٽ ۾ آئي ھئي. پنجاب جي جھنگ سان تعلق رکندڙ مخدوم فيصل صالح حيات پريس ڪانفرنس ۾ چيو ھو ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ق ليگ جي وزير اعظم جي اميدوار مير ظفرالله جمالي جي حمايت جو اعلان ڪيوويو ھو.

ان ميمبرن جي اڪثريت باوجود مير ظفرالله جمالي کي 172 ميمبرن جي اڪثريت حاصل نه ٿي ته ان وقت جي جنرل پرويز مشرف نواز ليگ ۾ ڏار وڌا. سنڌ مان اقليتن جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿيل ڪرشن ڀيل ۽ پشاور مان جماعت اسلامي جي جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿيل انجنيئر امير مقام جي به وفاداري تبديل ڪرائي وئي پوءِ به 172ميمبرن جي اڪثريت نه ٿيڻ تي رياض فتيانه کي ق ليگ ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائي مير ظفرالله جمالي کي 172 ميمبرن سان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويھاريو ويو. ھاڻي جڏھن وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي ته پي ٽي آئي جي مبينه طور تي ڪيترن ئي ميمبرن جي وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ سندن نالا سامھون آندا ويا آهن جن ۾ راجا رياض احمد ، رياض فتيانه ، غلام بي بي ڀروانه، شير اڪبر ، نياز احمد جکر ، نزھت پٺاڻ، عامر لياقت ، ڊاڪٽر رميش ڪمار ، ميجر ريٽارئرڊ طاھر صادق توڙي ڪجهھ ٻيا شامل آهن جن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته اھي بي اعتمادي جي رٿ م مخالف ڌر سان گڏ ويهندا.

انھن ميمبرن جي ماضي کي ڏسجي ته عامر لياقت 2002ع ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي ڪراچي مان  ايم اين اي چوندجي آيو بعد ۾ کيس مملڪتي وزير بنايو ويو 2018 ع جي عام چونڊن ۾ وري پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ، راجا رياض احمد فيصل آباد مان 2008ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو. 2018ع جي چوندن ۾ پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو ، ميجر ريٽارئرڊ طاھر صادق ، رياض فتيانه ، سردار نصرالله دريشڪ ، غلام بي بي ڀروانه ، خواجه شيراز 2002ع ۾ ق ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا هئا ۽ ھن وقت ھو پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جا ميمبر آھن. ساڳي طرح نزھت پٺاڻ جنهن جو تعلق حيدرآباد سان آھي 2002ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي خواتين جي مخصوص سيٽن تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور تي سامھون آئي ليڪن بيماري ۾ پيپلزپارٽي پاران سندس سار سنڀال نه لھڻ تي وفاداري تبديل ڪندي وڏ وزارت جي چونڊ ۾ ان وقت ارباب غلام رحيم جي حق ۾ووٽ ڏنو ۽ وفاداري تبديل ڪئي. اھڙي طرح ڊاڪٽر رميش ڪمار 2013ع م نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي اقليتي سيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن حالتون تبديل ٿيندي نظر آيس ته 2018ع ۾ پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھاڻي وري تبديلي جي هوا ڏسندي بي اعتمادي جي رٿ ۾ مخالف ڌر جو حصو بڻجڻ طرف پر پکيڙي ڇڏيا آهن . مستقبل ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت کان ٽڪيٽ جي ضمانت حاصل ڪري ڇڏي آهي اھا ته اھڙن ميمبرن جي سياسي تاريخ  آھي.

بحرحال بي اعتمادي جي رٿ تي اسپيڪر اسد قيصر جي جانبداري يا غير جانبداري جي حوالي سان بحث جاري آهي ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي قانوني شعبي جي ماهرن کان  به راءِ ورتي آهي جنهن جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي ته کيس اھو مشورو ڏنو ويو آهي ته باغي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ يا ردڪرڻ جو وٽس اختيار ناھي. باقي بعد ۾ پارٽي قيادت جي درخواست تي کين نااهل قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ريفرنس موڪلي سگھي ٿو. اھا آهي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي قانوني شعبي جي راءِ، پر ان تي اسپيڪر اسد قيصر ڪيترو نيوٽرل امپائر وانگر غير جانبداري جو مظاهرو ڪندو يا وري وزيراعظم عمران خان کي بچائڻ لاءِ ڪھڙي قانون جو سھارو وٺندو، اھو اھڙو ڪروڙن جو سوال آهي، جنهن جو جواب ووٽنگ واري ڏينهن سامھون اچي ويندو. ليڪن اسلام آباد جي ذريعن جي دعويٰ آھي ته اسپيڪر ھر صورت ۾ عمران خان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو جنهن ۾ ھو مخالف ڌر جي بي اعتمادي جي رٿ کي ريڪوزيشن جي اجلاس ۾ پيش نه ڪرڻ جو قانوني جواز پيدا ڪري رولنگ ڏئي اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيندو، بعد ۾مخالف ڌر وري عدالت جو دروازو کڙڪائيندي.