اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب پاران نئين ترميمي نيب ايڪٽ تي عمل لاءِ ڪاميٽي قائم، ڪيس بند ڪرڻ يا جاري رکڻ بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي، ڪالهه نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس وقتي چيئرمين ظاهر شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب جي نئين ترميم ٿيل ايڪٽ 2022ع تي عمل ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ ڊي جي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، ڪاميٽي نيب ۾ جاري انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز کي نئين ترميمي ايڪٽ تحت جاري رکڻ يا بند ڪرڻ يا وري لاڳاپيل ادارن کي موڪلڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي، اجلاس ۾ معراج اي سيد اڳوڻي چيف هائيڊروگرافر، گوادر پورٽ اٿارٽي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جوابدارن تي مبينا طور اختيارن جو غلط استعمال ڪري سرڪاري فنڊ ۾ گهوٻيون هڻي قومي خزاني کي 79 ڪروڙ 40 لک رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظاميا، قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي گلگت جي آفيسرن، بيرسٽر شيخ عابد وحيد اڳوڻو ايم ڊي بيت المال ۽ ٻين، ميجر رٽائرڊ سيد خالد امين شاهه چيف سيڪريٽري آفيسر پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي، سليم حسن وٽو اڳوڻو ڊي جي پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين، امين وينس اڳوڻو سي سي پي او، ذوالفقار گهمڻ ڊي جي اسپورٽس بورڊ پنجاب، محمد رمضان اعواڻ اڳوڻو سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ، پروفيسر رٽائرڊ ڊاڪٽر اعظم حسين يوسفاڻي وائيس چانسلر پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين شهيد بينظير آباد، اڪبر دراني اڳوڻو گهرو سيڪريٽري بلوچستان ۽ ٻين خلاف نيب جاچ ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.