لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ڏانهن بجلي جي مد ۾ سيپڪو جي 20 ڪروڙ ۽ گيس جي مد ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي 38 لک روپين کانوڌيڪ رهتن ادا نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سيپڪو سرڪل لاڙڪاڻو جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مظفر کهاوڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ڏانهن سيپڪو 20 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي بلن جي مد ۾ بقاياجات آهن، يونيورسٽي جي بجلي ٻه ڀيرا ڪاٽي وئي آهي، جيڪا يونيورسٽي انتظاميه جي درخواست تي بحال ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جي بجلي جو بل انرجي ڊپارٽمينٽ ادا ڪندو هو، جيڪو گذريل ٽن مهينن کان يونيورسٽي کي بل ادا ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهي. جڏهن ته يونيورسٽي کي پنهنجو بل ادا ڪرڻو پوندو پر اڃا تائين ادائيگي نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سرڪاري ادارن کان سواءِ سيپڪو جا پرائيويٽ صارفين ڏانهن 5 ارب 50 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جا رهتون آهن. ھوڏانھن ذريعن موجب يونيورسٽي ۾ گيس جي بل جي 38 لک روپيا بقاجات سبب ڪنيڪشن ڪٽيل آهي ۽ سمورين هاسٽلن جون ميسون به بند آهن، جنهن سبب سهولتن جي کوٽ ڪري يونيورسٽي جي شاگردن پاران يونيورسٽي انتظاميه خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري چڪا آهن پر اڃا تائين مسئلا حل ناهن ڪيا ويا.