ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ڪيپٽن (رٽائرڊ) حيدر رضا کي هٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته تنوير حسين تنيو کي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آهي . ٻئي طرف نگران دور ۾ سنڌ بدر ڪيل ڊي آءِ جي مقصود احمد ميمڻ جون خدمتون ٻيهر سنڌ حڪومت حوالي ڪيون ويون آهي، ان ڏس ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.