سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ ويجهو مڙس جي طعني تي زال مٺڙائو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، مڙس پاران کيس بچائڻ جي ڪوشش، ٻئي ڄڻا ٻڏي فوت، لاش هٿ، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب مٺڙائو ڪينال ۾ ٽنڊو مٺا خان واسي نوجوان 32سالا فدا حسين شاهه ۽ سندس گهر واري 25 سالا مهرالنسا شاهه مٺڙائو ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، زال مڙس جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا بعد هٿ آيا، فوتي فدا حسين شاهه جي سئوٽ موئز علي شاهه ٻڌايو ته مهرالنساءِ شاهه جي طبيعت خراب رهندي هئي، گذريل ڏينهن فدا حسين شاهه پنهجي 7 سالا ڌيءَ رقيا، ڀائيٽي انسا شاهه ۽ گهر واري مهرالنساءِ شاهه سان گڏ ٽنڊو آدم ۾ دم درود ڪرائڻ ويو هو، جتي ڀوپي کين ڪجهه تعويذ ڏنا ته هو ڪنهن وهندڙ پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏين، جنهن بعد واپسي تي رات دير سان ٻئي ڄڻا سانگهڙ ڀرسان مٺڙائو ڪينال تي پهتا ۽ تعويذ پاڻي ۾ لوڙهيا، وارثن موجب ٻارڙن ٻڌايو ته فدا حسين شاهه ۽ مهرالنساءِ شاهه ڪار ۾ جهيڙو ڪندا آيا، جڏهن مٺڙائو ڪينال تي پهتا ته فدا حسين شاهه زال مهرالنساءِ کي چيو ته تون روز روز بيمار ٿي رهين، ان کان بهتر آهي ته ٻڏي مر ته ڀلو آهي، جنهن بعد مهرالنساءِ تيش ۾ اچي مٺڙائو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. جنهن کي بچائڻ لاءِ مڙس فدا حسين شاهه به ٽپو ڏنو ته ٻئي ڄڻا ٻڏي ويا، واقعي واري هنڌ رات دير جو معصوم ٻارڙا دانهون ڪندا رهيا، ٻارڙن جي دانهن تي مٺڙائو ڪينال جي ڀر ۾ رهندڙ پاڙيسري پهتا، جن پوليس کي اطلاع ڏنو، سانگهڙ پوليس پهچي مقامي ٽوٻن کي لاش ڳولا ڪرڻ لاءِ مٺڙائو ڪئنال ۾ لاٿو، جتي 10 ڪلاڪن بعد فدا حسين شاھ جو لاش هٿ ڪيو، جڏهن ته عورت جو لاش ڪنڊياري ويجهو 15 ڪلاڪن بعد مليو، وارث لاش کڻائي ٽنڊو مٺا خان پهتا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.