بيلجيم (م ڊ) بيلجيم جي حڪومت ملڪ  جا 7 ايٽمي بجلي گهر 2025 تائين بند ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته نيو ڪليئر پاور ٽيڪنالاجي تي سيڙپڪاري جاري رکڻ گهرجي. ننڍي ايٽمي ري ايڪٽرز تي تحقيق لاءِ 100 ملين يورو رکيا ويندا. بيلجيم جو 7 جماعتي حڪومتي اتحاد گذريل ڪيترن ئي هفتن کان ان معاملي تي بحث مباحثو ڪري رهيو هو. بيلجيم جي گرين پارٽي خاص طور تي چاهي ٿي ته ملڪ ۾ جوهري توانائي مان آهستي آهستي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. هوڏانهن ٻه لبرل جماعتون ٻه نوان ري ايڪٽرز هلائڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن.