بودرفارم (رپورٽ: ميرمحمد رند) بودرفارم لڳ ويم دوران عورت ٻار سميت فوت ٿي وئي، وارثن احتجاج ڪندي  ڊاڪٽرياڻي تي لاپرواهي جو الزام مڙهي ڇڏيو. خبر موجب سامارو ٿاڻي جي حد ساماري شھر ڀرسان ڳوٺ شبير احمد قائمخاني جي رهواسڻ 40 ورهين جي نيلان زال پونمو ڪولهي کي وارثن ويم لاءِ ڀر واري ڳوٺ جي ڊاڪٽرياڻي وٺ وٺي ويا جيڪا بيهوش ٿي وئي، وارثن تعلقه اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، عورت جو لاش پورهيت مڙس پونمو جي گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو . وارثن پونمو ڪولهي . رميش . رامچند . شريمتي گڏي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته نيلان کي ويم  لاءِ  ويجهي ڳوٺ غلام قادر رانگڙ جي رهواسي عطائي ڊاڪٽرياڻي ڪويتا وٽ وٺي وياسين  جيڪا 8 ڪلاڪ ويهاري غلط انيجيڪشنون لڳائي علاج ڪندي رهي ويم نه ٿيڻ تي عورت بيهوش ٿيڻ ۽ حالت تشويناڪ ٿيڻ تي جواب ڏيندي  ٻي اسپتال کڻي وڃڻ چيو جنهن بعد اسان نيلان کي تعلقه اسپتال سامارو آندو جتي ڊاڪٽرن  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي انتظامه نوٽيس وٺي انصاف ڪن. فوت ٿيل نيلان کي اڳ ۾ به 6 پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد آهي. ٻئي طرف  الزام ھيٺ آيل عطائي ڊاڪٽرياڻي ڪويتا ڪولھي جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو ن ٿي سگھيو ذريعن مطابق ڊاڪٽرياڻي گھر ڇڏي فرار ٿي وئي آھي.