نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ بنگلاديش ۾ ون ڊي سيريز ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايپڪس ڪونسل جو اجلاس 21 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس جي 12 نقاطي ايجنڊا ۾ ٽيم ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو سرفهرست آهي. ان کان علاوه روهت شرما کي ٽي ٽوئنٽي جو ڪپتان برقرار رکڻ تي به ڳالهيون ٿينديون. اجلاس ۾ ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪنٽريڪٽ جي حوالي سان فيصلو ٿيندو جڏهن ته ڪرڪيٽرن جي تنزلي ۽ ترقي جي حوالي سان به فيصلو ڪيو ويندو. واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.