پيارو اسٽيشن(ن پ  ا) پيارو اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پ پ ورڪرن  جنسار علي ابڙو، ۽ آفتاب علي ابڙو. مولابخش ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو کي نظر انداز ڪيو ويو آھي گذريل 30 ورهين کان اسان جي ڳوٺ ۾ پيپلز پارٽي ڪوبه ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي، پيئڻ جي پاڻي، سئي گيس، روڊ رستن سميت صحت جي سهولتن کان محروم بڻيل آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته  هر ڀيري ايم اين اي دادو رفيق جمالي، ايم پي اي دادو پير مجيب  کي  ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي پر ووٽ وٺڻ کانپوءِ  هو  ڳوٺ ڏي لڙي به ناهن آيا.