بنون (م ڊ) تعلقي بڪاخيل ۾ پولنگ  اسٽيشن تي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ صوبائي وزير شاهه محمد خان جي ڀاءُ سميت 21 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعي بنون جي تعلقي بڪاخيل ۾ مڪاني چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي حملي ۾ ملوث صوبائي وير شاهه محمد خان وزير جي ڀاءُ سميت 21 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ صوبائي وزير شاهه محمد خان وزير جو پٽ ۽ اميدوار تعلقه بڪاخيل ملڪ مامون خان به شامل آهي. ڪيس ۾ چار پوليس اهلڪار به شامل آهن جيڪي صوبائي وزير جي ڀاءُ ملڪ گل باز خان سان گڏ ڊيوٽي تي مقرر هئا. ڪيس ۾ جوابدارن تي تعلقه بڪاخيل جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تان چونڊ مواد ڦرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.