نوٽنگهم (انٽريسٽنگ نيوز) اهو خيال ڪڏهن اوهان جي ذهن ۾ آيو آهي ته اوهان ڪيتري دير تائين بنا ننڊ رهي سگهو ٿا؟ اهو سوال انگلينڊ جي هڪ مشهور يوٽيوبر جوفيزر جي ذهن ۾ آيو ۽ هن ان کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو، 21 سالن جي جوفيزر يوٽيوب تي پنهنجي تجربي جو عنوان ئي اهو رکيو “مون ڪوشش ڪئي ته مان ڪيتري دير بنا ننڊ جي رهي سگهان ٿو”. 10 لک سبسڪرائبرز کان وڌيڪ رکندڙ پنهنجي ناظرين کي اها به نصيحت ڪئي ته اهو يقيني طور تي اهڙو چيلينج آهي، جنهن کي ڪنهن کي نه ڪرڻ گهرجي، نه ننڊ ڪرڻ جو تجربو شروع ٿيو ۽ پهرين 18 ڪلاڪ ته ٺيڪ رهيا، پر 22هين ڪلاڪ ۾ اچي ڪري هو ٿڪجڻ لڳو ۽ 24هين ڪلاڪن ۾ هن پاڻ کي جاڳيل رکڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪيفين جو استعمال ڪيو، وري 29هين ڪلاڪ بعد ننڊ ۾ شدت وڌڻ بعد هو ٿڌي پاڻي سان وهتو، سندس چوڻ هيو ته اهو تڪليف ڏيندڙ ڪم هيو پر ڪارگر ثابت ٿيو ۽ وڌيڪ بيداري محسوس ٿي، آخرڪار 36هين ڪلاڪ تائين وڌيڪ اهو برداشت نه ڪري سگهيو، هن جاڳڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻي ڪافي پيتي پر ڪجهه ڪلاڪن بعد آخرڪار سندس اک لڳي وئي.