بنا اجازت جي ٻي شادي ڪندڙ شخص جي سزا ڪالعدم قرار

0
242
پهرين زال جي اجازت کانسواءِ

ڪراچي: لاهور هاءِ ڪورٽ بنا اجازت جي ٻي شادي ڪندڙ شخص جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مئجسٽريٽ پهرين زال جي شڪايت تي مظفر نواز کي 3 مهينا قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن جي خلاف هن هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو.

هاڻي عدالت حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته بنا اجازت ٻي شادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار فيملي ڪورٽ کي آهي، ان ڪري سزا ڪالعدم قرار ڏجي ٿي.