مائيڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس گهڻي عرصي کان آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي جو وڏو حامي آهي. پر اي آءِ ٽيڪنالاجي جي سمورين اڳڀرائين باوجود هو ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي خدشن جو شڪار آهي. هڪ انٽريو ۾ بل گيٽس چيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي سان موسمياتي تبديلين سان مقابلو ڪرڻ آسان ٿي ويندو پر گڏوگڏ خبردار به رهڻ گهرجي ته انهي نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال سٺي ارادي سان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بل گيٽس جو چوڻ هو ته اي آءِ هاڻي موسمياتي تبديلين سان مقابلو ڪرڻ تي ڪردار ادا ڪيو آهي، اي آءِ اسان کي مختلف سائنسي موضوعن تي ماڊل تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ مواد کي سمجهڻ به آسان هوندو. ياد رهي ته ان کان اڳ ئي ڪيترائي ڀيرا بل گيٽس اي آءِ کي ٽيڪنالاجيڪل اڳڀرائي قرار ڏئي چڪو آهي، ڪجهه وقت پهريان هن اها به اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڏيڍ سال اندر اي آءِ چيٽ بوٽس ٻارن کي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا.