بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ: اويس ملاح) بلڙي شاهه ڪريم ويجهو مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ، ، رپورٽ موجب ڳوٺ عالي جهرڪ مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 30 سالا نوجوان اميد علي پٽ وڪيو جهرڪ جو نئين پنڃاري موري وٽان لاش هٿ آيو آھي، اطلاع ملڻ تي بلڙي شاه ڪريم پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊومحمدخان ضلعي اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم جي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،   پوليس چيو ته نوجوان جي وارثن 3 ڏينهن اڳ اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي جنهن جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد واقعي جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو مقتول جي سئوٽ يوسف جهرڪ روزاني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نوجوان کي 3 ڏينهن اڳ فون آئي هئي جنهن تي هو موٽرسائيڪل ته گهران روانو ٿي ويو پوليس وٽ سندس اغوا جي رپورٽ به داخل ڪرائي هئي پر پوليس ڪارروائي نه ڪئي جنهن سبب سئوٽ کي اغوا بعد قتل ڪري ڦٽو ڪيو ويو آهي اسان سان ظلم ٿيو آهي بي گناهه سئوٽ کي قتل ڪيو ويو آهي انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف پوليس ذريعن موجب پوليس مقتول جي ويجهي رشتيدار علي حيدر جهرڪ کي نوجوان کي مبينا اغوا بعد قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو پر سندس گرفتاري ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.