ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ اومي ڪرون جا 30 مريض سامهون  اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان بلوچستان جي ڪورونا آپريشن سيل جي انچارج ڊاڪٽر نقيب الله نيازي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪورونا جي ٽيسٽنگ دوران ٻن ڏينهن دوران اومي ڪرون جا 30 شڪي مريض سامهون اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هن چيو ته قلات مان سامهون ايندڙ اومي ڪرون جي شڪي مريضن جا نمونا تصديق لاءِ اين آءِ ايڇ ڊي اسلام آباد اماڻيا پيا وڃن. انچارج ڪورونا آپريشن سيل ٻڌايو ته صحت کاتي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر قلات کي به هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اومي ڪرون جي شڪي مريضن جي ڳولا ڪري فوري طور تي قرنطينه ڪري ڇڏي.