ڪوئيٽا (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ملاقات ٿي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي عوام جي ڀلائي جي منصوبن بابت پڇاڻو ڪيو. سرفراز بگٽي صوبي جي بجيٽ بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي عوام لاءِ صحت ۽ تعليم جي منصوبن بابت پڻ پڇيو. بريفنگ ڏيندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي طرز تي بلوچستان ۾ اعليٰ سطحي صحت مرڪز جلد مڪمل ڪيا ويندا. سرفراز بگٽي پ پ چيئرمين کي صوبي جي سياسي ۽ انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي بلاول چيو ته بلوچستان ۽ ڪوئيٽا کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ سياسي عمل ضروري آهي.