ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون رڪجي نه سگهيون، چمن، قلعه عبدالله، پشين، لورالائي ۾ طوفاني برسات رهيل روڊن ۽ ڪيترن ئي گهرن کي لوڙهي ڇڏيو، ڪيترن ئي عمارتن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، نصيرآباد، جعفرآباد، ڊيرا مراد جمالي جا درجنين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، کُلي آسمان هيٺ ويٺل متاثر امداد جا منتظر آهن، برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب   پٽ فيڊر ڪينال ۽ سم نالا ڀرجي ويا، هرنائي، مستونگ، ڊيرا بگٽي ۽ ٻين شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري فصل تباهه ٿي ويا، 300 کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو، ضلعي هيڊڪوارٽر راجنپور کي بچائڻ لاءِ انڊس هاءِ وي کي ڪٽ لڳائي ڇڏيو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.