خانپورمھر (ن پ ا) پيپلزپارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري خانپورمھر ويجھو سردارڳڙھ جي ريگستاني واري علائقي ۾ قائم متحده عرب امارات جي وزيرشيخ نھيان مبارڪ النيھان جي شڪار واري ڪيمپ پھتو. بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ نھيان وچ ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهيون ٻوليون ڪيون ويون. بلاول ڀٽو زرداري شيخ نھيان پاران ڏنل مانجھاندي ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ڪجھه دير جي ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري واپس ڳڙھي خدابخش روانو ٿي ويو. ان موقعي تي پ پ  ايم اين اي محمدبخش مھر پڻ ساڻس گڏ ھو.